جج موڪل تي، وڪيلن جي هڙتال، ايان علي جي رمانڊ ۾ 29 جون تائين واڌ

راولپنڊي(م.ڊ) ڪرنسي اسڪينڊل ڪيس ۾ گرفتار ماڊل ايان علي جي جڊيشل رمانڊ ۾ 29 جون تائين واڌ ڪئي وئي،ايان علي کي ڪرنسي اسڪينڊل ڪيس ۾ راولپنڊِي ۾ ڪسٽم عدالت جي جج راڻا آفتاب سامهون پيش ڪرڻ لاءِ آندو ويو پر جج موڪل تي هجڻ ۽ ڊسڪا سانحي خلاف وڪيلن جي هڙتال سبب کيس عدالت ۾ پيش نه ڪيو ويو ۽ بنا ڪنهن ڪارروائي جي سندس رمانڊ ۾ 29 جون تائين واڌ ڪئي وئي. واضح رهي ته  ايان علي کي ٽي مهينا پهرين ڪروڙين رپين جي پرڏيهي ڪرنسي نار جي ملڪن ڏانهن اسمگل ڪندي اسلام آباد ايئرپورٽ تان گرفتار ڪيو ويو هو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *