سپريم ڪورٽ پورهيتن جي پگهارن بابت صوبن جون رپورٽون رد ڪري ڇڏيون

اسلام آباد (بيورو) سپريم ڪورٽ پورهيتن جي پگهارن بابت صوبن جون رپورٽون رد ڪندي ٻيهر پيش ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو سومر ڏينهن جسٽس جواد ايس خواجا جي سربراهي هيٺ 3 رڪني بينچ وفاقي ۽ صوبائي حڪومتن پاران پورهيتن لاءِ اعلانيل پگهار نه ڏيڻ بابت پاڻمرادي ورتل نوٽيس جي ٻڌڻي ڪئي. عدالت ۾ سنڌ، پنجاب، خيبر پختونخوا ۽ بلوچستان جي ايڊووڪيٽ ۽ ايڊيشنل ايڊووڪيٽ جنزل پنهنجون رپورٽون جمع ڪرايون ، جيڪي عدالت رد ڪري ڇڏيون ،جسٽس جواد ايس خواجا رمارڪس ڏيندي چيو ته هي رپورٽون عوام جي اکين ۾ ڌوڙ وجهڻ کانسواءِ ٻيو ڪجهه ناهي، عوام سان ڪوڙ ڳالهائڻ کان پاسو ڪيو وڃي، صوبائي حڪومتن وچ ۾ بجيٽ جي حوالي سان مقابلو ٿي رهيو آهي پر سڄو ڏينهن نٽهڻ اس ۾ ڪم ڪندڙ غريب کي پورو اجورو نه ٿو ڏنو وڃي. هن اهي به رمارڪس ڏنا ته قانون ٺاهڻ سولو ڪم آهي پر ان تي عمل ڪرائڻ ڏکيو آهي ، حڪومتون ان کان بي پرواهه آهن، سندس چوڻ هو ته جيڪڏهن حڪومتن پنهنجي اعلان تي عمل نه ڪرايو ته پوءِ چيف سيڪريٽرين، پورهئي وارين وزارتن جي سيڪريٽرين يا ڪنهن ٻي اعلى شخصيت کي گهرائڻ لاءِ نوٽيس جاري ڪري سگهون ٿا.عدالت چئني صوبن کان اعلانيل پوري پگهار ڏيڻ جي حوالي سان ٻيهر رپورٽون گهرائيندي ٻڌڻي ملتوي ڪري ڇڏي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *