ڪي پي ڪي جي بجيٽ پيش، گاڏيون مهانگيون، پيٽرول پمپن ۽ سي اين جي اسٽيشنن تي ٽيڪس لاڳو، پگهارن ۾ 10 سيڪڙو واڌ

پشاور(م.ڊ) خيبر پختونخوا اسيمبلي 488 ارب رپين جي  بجيٽ پيش ڪري ڇڏي، سرڪاري ملازمن جي پگهارن ۾ 10 سيڪڙو ۽ ميڊيڪل الائونس ۾ 25 سيڪڙو واڌ ڪئي وئي،جڏهن ته ترقياتي ڪمن لاءِ 175  ارب روپيا رکيا ويا ، ناڻي واري صوبائي وزير مظفر سيد ايندڙ مالي سال لاءِ 488 ارب رپين جو بجيٽ پيش ڪئي،بجيٽ ۾ هڪ هزار سي سي ڪارن تي هڪ ئي وقت 10 هزار ٽيڪس لڳائي وئي آهي،ناڻي واري وزير ٻڌايو ته ڪمرشل ۽ وڏي پاور انجڻ گاڏين تي به ٽيڪس وڌائڻ جي تجويز آهي،اسپرٽ جي پرمٽ ۽ لائيسنس جي فيس جي شرح ۾ به واڌ جي تجويز آهي،ڪمرشل ايراضي،سي اين جي اسٽيشنن،پئٽرول پمپن ۽ سروس اسٽيشنن جي ٽيڪس ۾ به واڌاري جي تجويز ڏني وئي، مظفر سيد  بجيٽ تقرير ۾ ٻڌايو ته تعليم لاءِ 97 ارب،54 ڪروڙ ۽ صحت لاءِ 29 ارب 95 ڪروڙ رکيا ويا آهن، ،پوليس لاءِ 32 ارب 74 ڪروڙ روپيا ۽ ڪڻڪ جي سبسڊي جي مد ۾ 2 ارب 90  ڪروڙ رپيا رکيا ويا،مواصلات ۽ اڏاوتن لاءِ 2 ارب 76 ڪروڙ رکيا ويا، صوبي کي وفاق وٽان 371 ارب رپيا حاصل ٿيندا، جڏهن ته صوبو پنهنجي وسيلن مان 55 ارب رپيا حاصل ڪندو، مظفر سيد  جو چوڻ هو ته وفاق کان دهشتگردي خلاف جنگ لاءِ اين ايف سي ايوارڊ جي مد ۾ 30 ارب رپيا حاصل ٿيندا،بهتر مالي حالت ۽ نظم ضبط تي وفاق کان 2 ا رب رپيا بونس ملندو،وفاق وٽان پن بجلي جي ڦاٿل رهتن جي پهرين قسط 52 ارب رپيا ملندي،بجيٽ    تقرير شروع ٿيندي ئي مخالف ڌر سيٽن تان اٿي وڏو گوڙ ڪيو ۽ اي اين پي جي نگهت اورڪزئي بجيٽ دستاويز ڊيسڪ ٿي اڇلائي ڇڏيا.اي اين پي ۽ جي يو آءِ جا  ميمبر اسپيڪر جي ڊائس وٽ گڏ ٿي ويا ۽ نعريبازي ڪندا رهيا.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *