اسلام آباد (بيورو) وفاقي سڌ سماءُ واري وزير پرويز رشيد چيو آهي ته تحريڪ انصاف پاران جڊيشل ڪميشن کي لکيل خط جو مطلب ته هنن مات مڃي ڇڏي آهي.اسلام آباد ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي پرويز رشيد جو چوڻ هو ته امڪاني ڌانڌلي جي ٻڌڻي ڪرڻ واري جڊيشل ڪميشن جي اڳيان تحريڪ انصاف ڌانڌلي جي حوالي سان دستاويز ، ثبوت ۽ گواهه پيش ڪرڻ ۾ ناڪام رهيا آهن ۽ هاڻي جڊيشنل ڪميشن کي خط لکيو ويو آهي جنهن ۾ رٽرننگ آفيسرن کي گهرائڻ جو مطالبو ڪيو ويو آهي جيڪو عمران خان جو يو ٽرن ۽ تڪرار آهي. وفاقي سڌ سماءَ واري وزير جو چوڻ هو ته تحريڪ انصاف ملڪي ترقي ۾ رڪاوٽون وجهڻ ٿو چاهي ۽ جڊيشل ڪميشن ۾ ان جو مطالبو ان ڪري آهي ته جيئن ترقي لاءِ طئي ڪيل مقصد حاصل نه ٿي سگهن ان ڪري حڪومت اهڙن مطالبن کي ڪامياب نه ٿيڻ ڏيندي.