ممبئي(شوبز نيوز): مشهور اداڪارا آرتي آگريوال دل جو دورو پوڻ سبب وفات ڪري وئي، آرتي آگريوال آمريڪا ۾ ليپوسيڪشن ڪرائڻ لاءِ ويل هئي جنهن کي علاج دوران دل جو دورو پئجي ويو جنهن سبب هو وفات ڪري وئي. ٻن ڏينهن کان پوءِ سندس نئين فلم رام ٽو ريليز ٿيڻي هئي. آرتي آگريوال 2001 ۾ فلم انڊسٽري ۾ قدم رکيو ۽ ننڍي عمر ۾ فلم انڊسٽري ۾ پنهنجو نالو ڪمايو .