بالي ووڊ اداڪار ورن ڌون نئين فلم ”اي بي سي ڊي 2“ ۾ فلمايل نئون گيت پنهنجي امڙ کي ارپي ڇڏيو

ممبئي(شوبز نيوز) بالي ووڊ اداڪار ورن ڌون نئين فلم ”اي بي سي ڊي 2“ ۾ فلمايل نئون گيت پنهنجي امڙ کي ارپي ڇڏيو، ”چنر“ ٻول تي ٻڌل گانو ”اي بي سي ڊي 2“ ۾ فلمايل ٻيو گيت آهي، ورن ڌون پاران ڪيل ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته گيت جي عڪسبندي لاءِ سندس ماءَ کيس مهيني جي تربيت ڏني، ان ڪري اهو گيت سندس نالي ڪيان ٿو، هن چيو ته سچن جگر جو ڪمپوز ڪيل گيت دل وٽان آهي ۽ ان جي رليز جو انتظا نه ٿو پُڄي، اداڪار موجب گيت توڙي ان جي عڪسبندي ماڻهن کي ضرور متاثر ڪندي. ياد رهي ته شرڌا، ورن ۽ پرڀو ديوا جي ڪاسٽ تي ٻڌل فلم ”اي بي سي ڊي 2“ اڻويهين جون تي سينمائن جي زينت بڻجي رهي آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *