عربي سمنڊ ۾ ٺهندڙ هوا جو گهٽ دٻاءُ اشوڀا طوفان ۾ تبديل، ڪراچي سميت ساحلي پٽي کي خطرو، 24 ڪلاڪ انتهائي اهم

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) عربي سمنڊ ۾ ٺهندڙ هوا جو گهٽ دٻاءُ اشوڀا طوفان ۾ تبديل ٿي ويو آهي، امڪاني سامونڊي طوفان جي خطري سبب سنڌ ۽ بلوچستان ۾ سمنڊ اندر اڄ تيز ڇوليون اٿڻ،مينهن وسڻ ۽ تيز هوائن جو امڪان آهي،جڏهن ته موسميات کاتي مهاڻن کي کــُليل سمنڊ ۾ نه وڃڻ جي هدايت ڪئي آهي. موسميات کاتي موجب عربي سمنڊ ۾ ٺهندڙ هوا جو گهٽ دٻاءُ طوفان ۾ تبديل ٿي ويو آهي،جنهن کي اشوڀا جو نالو ڏنو ويو آهي. سامونڊي طوفان اشوڀا هڪ ناٽ في ڪلاڪ جي رفتار سان وڌي رهيو آهي ۽ هن وقت ڪراچي جي اتر کان 750 ڪلوميٽر پري آهي. موسميات کاتي موجب 80 سيڪڙو امڪان آهي ته اشوڀا اومان جي سامونڊي پٽي سان ٽڪرائجندو،جڏهن ته طوفان 20 سيڪڙو بلوچستان جي سامونڊي پٽي سان ٽڪرائجڻ جو امڪان آهي. طوفان سبب ايندڙ 24 ڪلاڪن دوران سنڌ ۽ بلوچستان جي سامونڊي پٽي ۾ وڏيون لهرون اُٿڻ،مينهن پوڻ ۽ تيز هوائن جو امڪان آهي. موسميات کاتي موجب ايندڙ 24 کان 36 ڪلاڪن دوران ڪراچي، حيدرآباد، ميرپورخاص، ٿرپارڪر، ٺٽي، بدين ۽ سجاول ضلعن ۾ مينهن وسي سگهي ٿو،جڏهن ته بلوچستان جي ڏکڻ وارن علائقن ۾ به برسات جو امڪان آهي. موسميات کاتي جو چوڻ آهي ته سنڌ جا مهاڻا اڄ شام کان خميس تائين،جڏهن ته بلوچستان جا مهاڻا سڀاڻي کان جمعي تائين سمنڊ ۾ وڃڻ کان پاسو ڪن. ٻئي طرف سامونڊي طوفان جي خدشي سبب مڪاني ادارن واري صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ، ايڊمنسٽريٽرکي ڪراچي ۾ لڳل سائن بورڊز هٽائڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *