پنڊي پوليس هٿان ٻن ڀائرن جي قتل جي مذمت، پنجاب ۾ ادارن جي تباهي جي ذميوار نواز ليگ آهي : عمران خان

اسلام آباد (بيورو) تحريڪ انصاف جي سربراهه عمران خان راولپنڊي ۾ پوليس هٿان ٻن ڀائرن جيقتل واري واقعي جي سخت مذمت ڪندي چيو آهي ته پنجاب ۾ ادارن جي تباهي جي ذميوار مسملم ليگ ( ن ) آهي. پنهنجي هڪ بيان ۾پنڊي سانحي تي ردعمل ۾ عمران خان چيو ته پنجاب پوليس طرفان اهڙا تشدد وارا واقعا ڳڻتي جوڳا آهن، سندس چوڻ هو ته ڊسڪا واقعي کانپوءِ راولپنڊي ۾ پوليس طرفان شهرين تي گوليون وسائڻ ڪنهن  به ريت قبول ناهي. عمران خان چيو ته صوبي ۾ ان قسم جا واقعا وڳوڙ پکيڙڻ جو ڪارڻ بڻجي رهيا آهن، قانون جا بکيا اڊيڙيندڙ اهلڪارن خلاف سخت قانوني ڪارروائي ڪئي وڃي. تحريڪ انصاف جي سربراهه مارجي ويل ڀائرن جي وارثن سان ڏک ۽ همدردي جو اظهار پڻ ڪيو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *