خيبرپختونخواهه جو عوام شٽر ڊائون هڙتالن ۽ ڌرڻن جي سٽ نٿو سهي سگهي: سراج الحق

پشاور (بيورو) امير جماعت اسلامي سينيٽر سراج الحق مطالبو ڪيو آهي ته 30 مئي تي ڪي پي ڪي ۾ مڪاني چونڊن ۾ جن تڪن ۾ چونڊ ڌانڌلي جون ٺُوس شڪايتون موجود آهن اليڪشن ڪميشن انهن جو ازالو ڪري، ڪجهه تڪن ۾ چونڊ ڌانڌلين جي شڪايتن تي سڄي اليڪشن ڪالعدم قرار نه ڏيڻ گهرجي، ڪي پي ڪي جو عوام شٽرڊائون هڙتالن ۽ ڌرڻن جي سٽ نٿو سگهي سگهي، صوبي ۾ سياسي عدم استحڪام پيدا ٿيڻ نه ڏينداسين، اهڙن خيالن جو اظهار هن پنهنجي رهائشگاهه تي اجلاس کي خطاب ڪندي ڪيو، اجلاس ۾ جماعت اسلامي جو صوبائي امير پروفيسر محمد ابراهيم خان، بحر الله خان ۽ ٻيا اڳواڻ موجود هئا، سراج الحق وڌيڪ چيو ته اليڪشن ڪميشن کي چونڊ عمل کي صاف ۽ شفاف بڻائڻ لاءِ ڪو موثر نظام جوڙڻ گهرجي، ڇو ته ائين لڳي ٿو ته اسان ماضي جي چونڊ تجربن مان ڪجهه ناهي سگهيو، جيستائين عوام جو چونڊ عمل تي اعتماد بحال نه ٿيندو تيستائين جمهوريت مستحڪم نٿي ٿي سگهي، اهڙن حالتن ۾ شٽر ڊائون ۽ ڦيٿا روڪ جهڙيون احتجاجي تحريڪون عوام جي مفاد ۾ نه آهن.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *