گلگت بلتستان جي عوام کان ماني جو ڳڀو کسڻ نه ڏينداسين: خورشيد شاهه

اسلام آباد (بيورو) قومي اسيمبلي ۾ مخالف ڌر اڳواڻ سيد خورشيد شاهه چيو آهي ته گلگت بلستان جي عوام کان ماني جو ڳڀو کسڻ نه ڏينداسين، حڪومت پاران گلگت بلتستان لاءِ ڪڻڪ تي سبسڊي ختم ڪرڻ جي مذمت ڪريون ٿا. پنهنجي بيان ۾ خورشيد شاهه چيو ته ايندڙ مالي سال جي بجيٽ ۾ حڪومت گلگت بلستان جي ڪڻڪ تي سبسڊي ختم ڪري ڇڏي آهي، سبسڊي ختم ڪرڻ تي حڪومتي قدم جي اسان سخت مذمت ڪريون ٿا، مخالف ڌر اڳواڻ ڪڻڪ تي سبسڊي فوري طورتي بحال ڪندي مطالبو ڪندي چيو ته گلگت بلتستان لاءِ شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي ڏنل سهولت ختم ٿيڻ نه ڏينداسين. ٻئي پاسي سڌ سماءَ جي وفاقي وزير پرويز رشيد پاران جاري ڪيل بيان ۾ اهڙن افواهن جي ترديد ڪئي وئي آهي، بيان ۾ چيو ويو آهي ته اهڙا افواهه چونڊن ۾ ووٽ حاصل ڪرڻ لاءِ ڦهلايا پيا وڃن.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *