ڀٽ شاهه: آل سنڌ نائيٽ ٽيپ بال ڪرڪيٽ ٽورنامينٽ 3 رمضان کان شروع ٿيندو

ڀٽ شاهه (اسپورٽس نيوز): ملاکڙا اسٽيڊيم ڀٽ شاهه ۾ 3 رمضان کان مخدوم اليون پاران آل سنڌ نائيٽ ٽيپ بال ڪرڪيٽ ٽورنامينٽ مخدوم امين فهيم چئلينج ڪپ منعقد ٿيندو جنهن ۾ سنڌ جون 32 بهترين ٽيمون حصو وٺنديون ، ڪرڪيٽ جي مقابلن لاءِ ملاکڙا اسٽيڊيم ۾ ميدان تيار ڪيو پيو وڃي ، اهڙن خيالن جو اظهار مخدوم اليون جي سربراهه فقير حسين علي جعفري ملاکڙا اسٽيڊيم ۾ ڪرڪيٽ جي ميلي کي سجائڻ لاءِ تيارين دوران صحافين سان ڳالهائيندي ڪيو ، هن چيو تـ شهرين کي تفريح مهيا ڪرڻ ، نوجوانن جي صلاحيتن کي اجاگر ڪرڻ ۽ انهن جي حوصلا افزائي ڪرڻ لاءِ ڀٽ شاهه جي ملاکڙا اسٽيڊيم ۾ مخدوم امين فهيم چئلينج ڪپ جي نالي سان آل سنڌ ٽيپ بال نائيٽ ڪرڪيٽ ٽورنامينٽ 3 رمضان کان شروع ٿي رهي آهي جنهن ۾ سنڌ جون 32 بهترين ٽيمون حصو وٺنديون ، جنهن ۾ روزانو 4 ٽيمن ۾ 2 مئچ کيڏيا ويندا ، ان سلسلي ۾ سموري سنڌ اندر مختلف اسپورٽس ڪلبن کي ٽورنامينٽ ۾ شرڪت لاءِ دعوت ناما جاري ڪيا ويا آهن ،جڏهن تـ گرائونڊ جي تياري جو ڪم بـ آخري مرحلي ۾ داخل ٿي چڪو آهي ، هن چيو تـ بجلي جي بحران کي نظر ۾ رکندي جنريٽر جو انتظام بـ ڪيو ويو آهي ، هن چيو تـ ڪرڪيٽ جو ميلو مچائڻ لاءِ پي پي ايم پي اي مخدوم رفيق الزمان جي وڏي فرزند مخدوم فخرالزمان جي ذاتي دلچسپي سبب هي ٽورنامينٽ ڀٽ شاهه ۾ منعقد ڪئي وئي آهي ،

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *