آئي سي سي پاڪستان ۽ هندستان وچ ۾ ڪرڪيٽ سيريز لاءِ ڪوبه ڪردار نڀائڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو

دبئي(اسپورٽس نيوز): عالمي ڪرڪيٽ ڪائونسل (آئي سي سي) هڪ ڀيرو وري پاڪستان ۽ هندستان وچ ۾ ڪرڪيٽ سيريز لاءِ ڪنهن به قسم جو ڪردار  نڀائڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو آهي. آئي سي سي جي چيف ايگزيڪيوٽو ڊيو رچرڊ سن جو چوڻ آهي ته اسان پاڪستان ۽ هندستان وچ ۾ ڪرڪيٽ لاڳاپن جي بحالي جي حق ۾ آهيون، پر اسان ٻنهي ملڪن جي ڪرڪيٽ بورڊن جي معاملن ۾ مداخلت نه ڪنداسين. هن چيو ته اسان پاڪستان ۽ هندستان وچ ۾ مستقل بنيادن تي  ڪرڪيٽ ميچن جي اهميت سمجهون ٿا پر بدقسمتي سان آئي سي سي ان معاملي ۾ ڪنهن به قسم جي مداخلت نه ڪندي، ڇو ته اهو ٻنهي بورڊن جو ٻه طرفو معاملو آهي. ڊيو رچرڊ سن اهو تاثر رد ڪيو ته آئي سي سي زمبابوي جي پاڪستاني دوري جي صورت ۾ عالمي ڪرڪيٽ جي بحالي تي خوش ناهي. هن چيو ته اسان پاڪ – زمبابوي سيريز لاءِ ميچ آفيشلز ان ڪري نه اماڻيا ڇوته اسان قومي ٽيمن جي ڀيٽ ۾ صورتحال کي مختلف نظر سان  ڏسون ٿا، ان جو مطلب اهو ناهي ته اسان پاڪستان ۾ عالمي ڪرڪيٽ جي بحالي جي حمايت نه ٿا ڪيون.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *