ويرات ڪولهي کي مئچ دوران انوشڪا شرما سان ملڻ تي وارننگ جاري

بنگلور(اسپورٽس نيوز): ڀارتي ڪرڪيٽ بورڊ آءِ پي ايل مئچن دوران ويرات ڪوهلي کي پنهنجي گرل فرينڊ انوشڪا شرما سان ملاقات ڪرڻ  تي وارننگ جاري ڪري ڇڏي. بي سي سي آءِ انڊين پريميئر ليگ جي ٽيم رائل چيئلنجرز بنگلور جي ڪپتان ويرات ڪولهي کي قانون جون ڌڄيون اڏائڻ تي وارننگ جاري ڪري ڇڏي آهي. ڀارتي اخبار موجب آچر ڏينهن سوامي اسٽيڊيم  ۾ رائل چيئلينجرز  دليڊليورز وچ ۾ مقابلي دوران برسات پوڻ سبب راند ڪجهه دير لاءِ روڪڻي پئي. انهي دوران ڪوهلي پنهنجي گرل فرينڊ سان ملڻ وي آءِ پي انڪلورز وڃي پهتو. ٻنهي ڄڻن ڪجهه وقت گڏ گذاريو ۽ تصويرون به ڪڍايون. ڪوهلي جي ان حرڪت تي بي سي سي آءِ ڪوهلي کي وارننگ جاري ڪئي . قانون موجب مئچ دوران رانديگرن کي پنهنجي مائٽن  ۽ دوستن سان ملڻ جلڻ تي پابندي آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *