ٽي ٽوئنٽي لاءِ پاڪستاني ٽيم جو اعلان، آفريدي ڪپتان هوندو

لاهور(اسپورٽس نيوز)پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ زمبابوي خلاف 2 مئچن تي مشتمل ٽي ٽوئنٽي سيريز لاءِ قومي ٽيم جو اعلان ڪري ڇڏيو. شاهد خان آفريدي ٽي ٽوئنٽي سيريز ۾ قومي ٽيم جي قيادت ڪندو، جڏهن ته سرفراز احمد نائب ڪپتان هوندو. ٽيم ۾ شعيب ملڪ ۽ عمر اڪمل کي به شامل ڪيو ويو آهي. جڏهن ته سليڪٽرز 5 سالن کانپوءِ محمد سميع کي به موقعو ڏنو آهي. ڊومسٽڪ مئچن ۾ ڪامياب ٿيڻ واري سيالڪوٽ اسٽاليئنز ۾ سٺو کيڏندڙ نعمان انور کي به شامل ڪيو ويو آهي. مهمان ٽيم خلاف 22 مئي تي شروع ٿيڻ واري سيريز ۾ ٽيم ۾ شامل ٻين رانديگرن ۾ احمد شهزاد، وهاب رياض، انور علي، محمد رضوان، حماد اعظم، بلاول ڀٽي ۽ مختار احمد شامل آهن. جڏهن ته جادوگر اسپنر سعيد اجمل، فاسٽ بالر عمر گل ۽ سهيل تنوير ٽيم ۾ جاءِ نه ٺاهي سگهيا.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *