زمبابوي ٽيم جي لاهور آمد، شاندار استقبال ڪيو ويو

لاهور(اسپورٽس نيوز) زمبابوي ڪرڪيٽ ٽيم پاڪستان جي دوري لاءِ پهچي وئي، جتي زمبابوي ٽيم جو شاندار استقبال ڪيو ويو. پاڪستان ۾ عالمي ڪرڪيٽ وارو خواب 6 سالن کانپوءِ پورو ٿيو، معلوم ٿيو آهي ته زمبابوي ڪرڪيٽ ٽيم لاهور پهچي وئي آهي. زمبابوي ٽيم ايمريٽس جي پرواز 622 ذريعي  دبئي کانپوءِ ڪراچي پهتي، جتي جهاز لاهور جي علامه اقبال ايئرپورٽ تي لينڊ ڪيو. ٽيم جي لاهور پهچڻ تي گهرو وزير پنجاب شجاع خانزاه، مجتبيٰ شجاع الرحمان ۽ پي سي  جي اعليٰ عملدارن ٽيم جو استقبال ڪيو ۽ رانديگرن کي گلدستا پيش ڪيا. زمبابوي ٽيم جي لاهور آمد وقت سڄي شهر جي سيڪيورٽي سخت ڪئي وئي هئي ۽ مختلف رستن کي بند ڪيو ويو هو. مال روڊ جو ڪنٽرول رينجرز سنڀالي ورتو. ٽيم جي سيڪيورٽي لاءِ 6000 پوليس اهلڪار ڊيوٽي انجام ڏيندا. ٽيم کي ايئرپورٽ کان هوٽل تائين سخت پهري هيٺ آندو ويو. هيليڪاپٽر ذريعي روٽ جي هوائي نگراني به ڪئي وئي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *