اسلام آباد(بيورو) ناڻي واري وزير اسحاق ڊار جي صدارت هيٺ ايل اين جي ڏيڻ جي طريقيقار تي اجلاس ڪوٺايو ويو، جنهن ۾ پاور پلانٽس کي بنا ڪنهن روڪ جي گئس ڏيڻ جو فيصلو ڪيو ويو. اجلاس ۾ صوبائي ۽ وفاقي وزيرن شرڪت ڪئي. هن اجلاس ۾ پنجاب ۾ ٽي پاور پلانٽس لڳائڻ جو فيصلو ڪيو ويو جن جي پيداواري صلاحيت 3600 ميگاواٽ هوندي. هن اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو ته پاور پلانٽس قصور، جهنگ، ۽ شيخوپورا ۾ لڳايا ويندا ۽ انهن کي بنا روڪ جي ايل اين جي ڏني ويندي. اجلاس ۾ اسحاق ڊار وفاقي وزيرن کي سياسي وزيرن سان گڏ ملي سيل اين جي ڏيڻ جي طريقيقار جوڙڻ جي هدايت ڏني.