يمن صورتحال تي پارليامينٽ جي گڏيل قرارداد 20 ڪروڙ عوام جي ترجماني ڪري ٿي، : خورشيد شاهه

لاهور (م.ڊ) قومي اسيمبلي ۾ مخالف ڌر اڳواڻ سيد خورشيد شاهه چيو آهي ته يمن جي صورتحال تي پارليامينٽ جي گڏيل قرارداد 20 ڪروڙ عوام جي ترجماني ڪري ٿي، اپوزيشن ۾ محبتون ۽ ڪربتون نه پر اصول جون ڳالهيون ٿينديون آهن حڪومت پي ٽي آءِ جي جڊيشل ڪميشن جي شرط کي تسليم ڪيو ۽ ان کي خود پارليامينٽ ۾ آڻڻ لاءِ چيو ان کانپوءِ خواجا آصف جي تنقيد سان خود حڪومت کي سبق حاصل ڪرڻ گهرجي. اڄ هرڪوئي تحريڪ انصاف جي استعيفائن تي ڳالهائي رهيو آهي پر ائين  ڪندڙن کي يا ته پارلياميڻٽ جي قاعدن ۽ ضابطن جي خبر ناهي يا وري اهي پوائنٽ اسڪورنگ ڪري رهيا آهن. افتخار محمد چوڌري اڄ اسپيڪر کي خط لکي ڇڏيو آهي پر ٻڌائي ته هو 8 مهينن کان ڪٿي هو، لاهور ايئر پورٽ تي ميڊيا سان ڳالهائيندي سيد خورشيد شاهه يو اي اي جي پرڏيهي وزير جي بيان جي حوالي سان سوال تي چيو ته ان تي پاڪستان جي پرڏيهي وزارت جو اڃا تائين ڪو به رد عمل ناهي آيو ان لاءِ ڪوئي ڳالهه نه ٿو ڪري سگهجي. پر يمن جي صورتحال تي پارليامينٽ جو گڏيل اجلاس سڏايو ويو جنهن متفقه قرارداد پاس ڪئي جيڪا 20 ڪروڙ عوام جي ترجماني ڪري ٿي. هن اڳوڻي چيف جسٽس افتخار محمد چوڌري پاران اسپيڪر قومي اسيمبلي کي لکيل خط واري سوال تي چيو ته جڏهن ڪو ميمبر مسلسل 40 ڏينهن تائين ايوان مان غير حاضر رهندو ته ان تي ايوان ۾ قرارداد ايندي آهي ڇا پارلياميڻٽ ۾ اهڙي قسم جي قرارداد آئي جو پي ٽي آءِ جي ميمبرن کي ڊي سيٽ ڪيو وڃي. جيڪي ماڻهو اڄ پي ٽي آءِ جي استعيفائن جي ڳالهه ڪري رهيا آهن انهن کي پارليامينٽ جي قاعدن ۽ ضابطن جي خبر ناهي. افتخار چوڌري ٻڌائي اهو 8 مهينن کان ڪٿي هو جنهن اڄ هن قومي اسيمبلي جي اسپيڪر کي خط لکيو آهي. هن مسلم ليگ (ن) جي اڳواڻ ظفر علي پاران هن معاملي تي سپريم ڪورٽ ۾ وڃڻ واري سوال تي چيو ته کيس سنيٽ جي سيٽ نه ملي هو وڃي سگهي ٿو هو اهوئي ظفر علي شاهه آهي جيڪو 1999 ۾ سپريم ڪورٽ ويو هو ۽ مشرف کي وردي ۾ رهڻ ۽ آئين ۾ ترميمن جي طاقت ڏئي واپس آيو هو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *