وفاقي حڪومت جو پنجاب ۾ ايل اين جي تي هلڻ واري پاور پلانٽ کي بنا ڪنهن رڪاوٽ جي گئس ڏيڻ جو فيصلو

اسلام آباد(بيورو) ناڻي واري وزير اسحاق ڊار جي صدارت هيٺ ايل اين جي ڏيڻ جي طريقيقار تي اجلاس ڪوٺايو ويو، جنهن ۾ پاور پلانٽس کي بنا ڪنهن روڪ جي گئس ڏيڻ جو فيصلو ڪيو ويو. اجلاس ۾ صوبائي ۽ وفاقي وزيرن شرڪت ڪئي. هن اجلاس ۾ پنجاب ۾ ٽي پاور پلانٽس لڳائڻ جو فيصلو ڪيو ويو جن جي پيداواري صلاحيت 3600 ميگاواٽ هوندي. هن اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو ته پاور پلانٽس قصور، جهنگ، ۽ شيخوپورا ۾ لڳايا ويندا ۽ انهن کي بنا روڪ جي ايل اين جي ڏني ويندي. اجلاس ۾ اسحاق ڊار وفاقي وزيرن کي سياسي وزيرن سان گڏ ملي  سيل اين جي ڏيڻ جي طريقيقار جوڙڻ جي هدايت ڏني.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *