اتحادي فوج يمني بندر گاهن تي ڪنٽرول حاصل ڪري ورتو، بمباري ۾ 40 مارجي ويا

يمن(م.ڊ) يمن ۾ سعودي اتحاد جي جنگي جهازن جي جاري بمباري ۾ وڌيڪ 40 ماڻهو مارجي ويا ۽ 2 سئو کان وڌيڪ زخمي ٿي پيا.پرڏيهي ميڊيا موجب، سعودي جهازن يمن جي اتر اوڀر واري صوبي حجا ۾ المزراڪ ڪئمپ کي نشانو بڻايو، جنهن ۾ 40 پناهگير مارجي ويا.هوائي حملي ۾ 2 سئو کان وڌيڪ ماڻهو زخمي به ٿيا، جن مان 25 جي حالت ڳڻتي جوڳي ٻڌائي پئي وڃي.امدادي اداري ميڊيسين سان فرنيٽيئر جي مينيجر پبلو مارڪو ميڊيا کي ٻڌايو ته پناهگير ڪيمپ تي بمباري بعد 40 لاش ۽ 34 زخمين کي هراده جي اسپتال ڏانهن منتقل ڪيا ويا.پبلو مارڪو جو چوڻ هو ته زخمين مان گهڻن جي حالت ڳڻتي جوڳي هئڻ ڪري مارجي ويلن جي انگ ۾ واڌ جو خدشو آهي.ايم ايس ايف موجب، المزراڪ ڪيمپ 2009 ۾ قائم ڪئي وئي هئي، حوثي باغين ۽ حڪومت وچ ۾ ويڙهه دوران متاثر ٿيل ماڻهو اتي رهائش اختيار ڪري رهيا هئا.ايم ايس ايف موجب،گذريل ٻن ڏينهن دوران 5 سئو کان وڌيڪ خاندان ان ڪيمپ ۾ پهتا آهن.پرڏيهي ميڊيا موجب،صنعا کان ڏيڍ سئو ڪلو ميٽر مفاصلي تي مارب، عدن ۽ الحديده جي سامونڊي شهرن تي به سعودي اتحاد جي جنگي جهازن بمباري ڪئي آهي.يمني حلال احمر موجب، الحوطه ۾ حوثي باغين ۽ صدر هادي جي حامين وچ ۾ جنگ سبب ڪيتريون ئي گهٽيون لاشن سان ڀريل آهن.يمني حلال احمر اپيل ڪئي آهي ته الحوطه شهر ۾ ڦاٿل ماڻهن جي فوري طور مدد ڪئي وڃي.سعودي اتحاد جي سربراهه جو چوڻ آهي ته علائقن جو قبضو ختم ٿيڻ تائين باغين جي ٺڪاڻن تي بمباري جاري رکي ويندي. ٻئي پاسي سعودي عرب جي قيادت ۾ اتحادي فوج يمن جي سمورين بندرگاهن جو ڪنٽرول حاصل ڪري ورتو ترجمان سعودي فوج چيو ته تربيت يافته هٿياربند زميني فوج تيار آهي صحيح وقت تي پنهنجون ذميواريون نڀائيندي سعودي فوج جي ترجمان برگيڊيئر جنرل احمد عصري چيو ته يمن ۾ ڪارروائين دوران هٿياربند حوثي باغين، ان جي قيادت ۽ اسلحي جي ڊپوڳ کي نشانو بڻايو ويو اتهادي جهازن روسي ٽينڪ ٽرانسپورٽر تباهه ڪري ڇڏيو بيلسٽڪ ميزائيلن جو پتو لڳائي کين تباهه ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي ترجمان مطابق روسي باغين سرحد ويجهو مارٽر گولا فائر ڪرڻ ۽ اتحادين جي ويڙهاڪ جهازن کي نشانو بنائڻ جي ڪوشش ڪئي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *