يمن جي صورتحال تي ڳالهين لاءِ خواجه آصف جي اڳواڻي ۾ پاڪستاني وفد سعودي عرب پهچي ويو

اسلام آباد (بيورو) يمن جي صورتحال تي سعودي اختيارين سان خيالن جي ڏي وٺ لاءِ پاڪستان جي اعليٰ سياسي ۽ عسڪري اختيارين  تي ٻڌل وفد سعودي عرب پهچي چڪو آهي، وفد جي قيادت بچاءُ وارو وزير خواجه آصف ڪري رهيو آهي سعودي عرب ويندڙ وفد ۾ بچاءُ واري وزير خواجه آصف  جي علاوه قومي سلامتي ۽ پرڏيهي معاملن بابت صلاحڪار سرتاج عزيز، چيف آف جنرل اسٽاف ليفٽيننٽ جنرل اشفاق نديم ۽ ڊائريڪٽر جنرل ملٽري آپريشنز ميجر جنرل عامر رياض به شامل آهن وفد سعودي اختيارين سان يمن جي صورتحال ۽ سعودي عرب جي سلامتي بابت معاملن تي ڳالهيون ڪندا . سعودي عرب روانگي کان اڳ ميڊيا سان ڳالهائيندي بچاءَ واري وزير خواجا آصف چيو ته پاڪستان مسلمان ملڪن مان ڏڦيڙ جو خاتمو چاهي ٿو. هـُن چيو ته پر امن طريقي ۽ اتحاد سان معاملا حل ڪرڻ جي هو حمايت ڪن ٿا. خواجا آصف چيو ته سعودي عرب جِي سالميت کي خطرو ٿيو ته پاڪستان سمورا وسيلا استعمال ڪري ڀرپور دفاع ڪندو. ياد رهي ته پاڪستاني وفد سعودي اختيارين سان ملاقات کانپوءِ اڄ ڏيهه واپس ورندو، جڏهن ته ان حوالي سان وزيراعظم کي رپورٽ به سڀاڻي ئي پيش ڪئي ويندي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *