خيبر ايجنسي (مانيٽرنگ ڊيسڪ) خيبر ايجنسي ۾ سڪيورٽي فورسز جي جيٽ جهازن ذريعي بمباري جي نتيجي ۾ 15 دهشتگرد مارجي ويا ۽ دهشتگردن جا ڪيترائي ٿاڪ تباهه ٿي ويا. خيبر ايجنسي جي وادي تيره جي علائقي ڪوڪي خيل ۾ سڪيورٽي فورسز جي جيٽ جهازن دهشتگردن جي ٺڪاڻن کي نشانو بڻايو. ذريعن جو چوڻ آهي ته فورسز جي بمباري جي نتيجي ۾ 15 دهشتگرد مارجي ويا، جن ۾ پابندي مڙهيل تنظيمن جا اهم ڪمانڊر به شامل آهن. سڪيورٽي ذريعن موجب، بمباري جي نتيجي ۾ دهشتگردن جي ڪيترائي ٿاڪ پڻ تباهه ٿي ويا، جڏهن ته ڪيترائي دهشتگرد زخمي پڻ ٿي ويا.