سڪيورٽي ذريعن ملا فضل الله جي مارجڻ واري خبرن جي ترديد ڪري ڇڏي

راولپنڊي (بيورو) سڪيورٽي ذريعن، بندش پيل تنظيم تحريڪ طالبان جي سربراهه ملا فضل الله جي مارجڻ واري خبرن جي ترديد ڪري ڇڏي آهي، سڪيورٽي ذريعن جو چوڻ آهي ته پاڪستان جي اهم ڳجهي اداري وٽ ملا فضل الله جي مارجڻ بابت ڪي به جوڳا اطلاع نه آهن. سڪيورٽي ذريعن جو چوڻ آهي ته ملا فضل الله جي مارجڻ بابت آيل خبرن ۾ ڪا به صداقت ناهي. سڪيورٽي ذريعن موجب، پاڪستان جي هڪ اهم انٽيليجنس اداري وٽ ملا فضل الله جي مارجڻ بابت ڪي به جوڳا اطلاع ناهن. واضح رهي ته بند پيل تنظيم تحريڪ طالبان جي سربراهه مـُلا فضل الله جي خيبر ايجنسي جي وادي تيره واري علائقي ۾ مارجڻ بابت خبرون سامهون آيو هيون.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *