ملڪ ۾ قرارداد پاڪستان جي روح مطابق جمهوري معاشرو قائم ڪرڻ جي ضرورت آهي: الطاف حسين

لنڊن(م.ڊ) متحده قومي موومينٽ جي قائد الطاف حسين چيو آهي ته ايم ڪيو ايم پاڪستان ۾ پرامن ۽ آزاد خيال معاشري جي خواهشمند آهي ج تي سڀ هڪ ٻئي جو احترام ڪن، يوم پاڪستان جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ الطاف حسين چيو ته اڄ پاڪستان کي مختلف اندروني ۽ ٻاهرين خطرن کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي ان ۾ ضروري آهي ته پاڪستان ۾ قرارداد پاڪستان جي اصل روح مطابق هڪ جمهوري ۽ متوازن معاشرو قائم ڪيو وڃي ۽ ملڪ ۾ رهندڙ سمورن ماڻهن کي بنا فرق انهن جا حق فراهم ڪيا وڃن، هن چيو ته ايم ڪيو ايم پاڪستان ۾ پرامن ۽ آزاد خيال معاشري جي خواهشمند آهي جتي هر مذهب، زبان، عقيدي، مسلڪ کي مڃيندڙن کي پنهنجي مرضي جي زندگي گذارڻ جي آزادي هجي ۽ سڀ هڪ ٻئي جو احترام ڪن، الطاف حسين چيو ته موجوده حالتن ۾ نوجوان نسل کي گهرجي ته هو قرارداد پاڪستان جي اصل روح جو مطالعو ڪري پاڪستان ۾ پرامن معاشري جي تعمير ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪن ته جئين ملڪ کي دنيا ۾ روشڻ خيال ۽ ترقي يافته ملڪن جي صفن ۾ بيهاري سگهجي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *