سينيٽ چيئرمين ۽ ڊپٽي چيئرمين جي چونڊ، سياسي سرگرمين ۾ اضافو اچي ويو

اسلام آباد (بيورو) سينيٽ جي چيئرمين ۽ ڊپٽي چيئرمين جي چونڊ لاءِ سرگرمين ۾ تيزي اچي وئي آهي هڪ طرف سياسي پارٽين سان رابطن لاءِ متحده ڪميٽي جوڙي ڇڏي آهي ته ٻئي طرف پيپلز پارٽي مختلف سياسي پارٽين کي سڀاڻي دعوت ڏئي ڇڏي آهي، ڪير بڻجندو سينيٽ جو چيئرمين ان لاءِ حڪومتي ۽ اپوزيشن پارٽين جون ڪوششون جاري آهن، پيپلز پارٽي سڀاڻي مختلف پارٽين کي اجلاس ۾ دعوت ڏني آهي انهن ۾ ايم ڪيو ايم، اي اين پي، جي يو آءِ ف، ق ليگ ۽ بي اين پي عوامي شامل آهن، انهن پارٽين جي سيٽن تي نظر وجهون ته متحده جون 8، اي اين پي جون 7، جي يو آءِ ف جون5، ق ليگ جون 4 ۽ بي اين پي عوام جون 2 سيٽون ملي 26 سيٽون بڻجن ٿيون جڏهن ته پيپلز پارٽي کي پاڻ وٽ سينيٽ جون 27 سيٽون موجود آهن، پر ڇا هي سموريون پارٽيون پيپلز پارٽي جي ڪنهن فارمولي تي اتفاق ڪري وٺنديون، ان لاءِ انتظار ڪرڻو پوندو ٻئي طرف متحده جي رابطه ڪميٽي به سينيٽ جي چيئرمين ۽ ڊپٽي چيئرمين جي چونڊ لاءِ مختلف پارٽين سان رابطن لاءِ ڪميٽي ٺاهي آهي جنهن جي الطاف حسين منظوري ڏئي ڇڏي آهي ان ڪميٽي ۾ خالد مقبول صديقي، رئوف صديقي، فاروق ستار، ڪنور نويد جميل ۽ بابر غوري سان گڏ فروغ نسيم شامل آهن.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *