پ پ سرڪار عورتن کي اقتصادي ۽ سماجي طور تي بااختيار بنائڻ لاءِ عملي طور قدم کڻي رهي آهي: وڏو وزير

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي وڏي وزير سيد قائم علي شاهه عورتن جي عالمي ڏينهن جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ چيو آهي ته پيپلز پارٽي ۽ سنڌ حڪومت عورتن کي اقتصادي ۽ سماجي طور تي بااختيار بنائڻ لاءِ عملي طور تي ڪوشان آهي. هن چيو ته اسان جي ملڪ جي اڌ آبادي عورتن تي ٻڌل آهي جن جا حوصلا وڌائڻ، تعليم ۽ تربيت سان ملڪ اندر وڏي تبديلي ٿي سگهي ٿي هن چيو ته سنڌ حڪومت عورتن کي مالي طور خودمختيار بنائڻ لاءِ کين مفت زمينون، ٻج ۽ ڀاڻ به مهيا ڪيو آهي ۽ بينظير انڪم سپورٽ جي تحت انهن جي مالي مدد به ڪري رهي آهي. هن چيو ته عورتن کي تعليم ڏيارڻ لاءِ سنڌ حڪومت هن وقت به ڇوڪرين جي تعليم ۽ حوصلو ڏيڻ لاءِ نه صرف مفت ڪتاب پر وظيفو به ڏئي رهي آهي. هن ڇوڪرين جي تعليم تي زور ڏيندي ماڻهن کي چيو ته اهي پنهنجي سمورين ٻارڙين کي تعليم جي عظيم زيور سان مالا مال ڪن. هن چيو ته حڪومت عورتن کي سماجي تحفظ فراهم ڪرڻ لاءِ ڪيترائي ادارا فعال رکيا آهن جتي انهن جي تحفظ کي نظر ۾ رکندي کين ڇادر ۽ چارديواري سان گڏوگڏ قانوني تحفظ به فراهم ڪيو وڃي ٿو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *