وزير اعظم سان پنجاب جي وڏي وزير جي ملاقات، سينيٽ چيئرمين ۽ ڊپٽي چيئرمين جي چونڊ بابت ڳالهيون

لاهور(م.ڊ) وزيراعظم نواز شريف ۽ پنجاب جي وڏي وزير شهباز شريف سمورين پارٽين جي اتفاق سان سينيٽ جي چيئرمين، ڊپٽي چيئرمين جي چونڊ تي اتفاق ڪيو آهي، ذريعن مطابق وزيراعظم نواز شريف  ۽ پنجاب جي وڏي وزير وچ ۾ جاتي امراءُ ۾ ملاقات ٿي، وزيراعظم شهباز شريف کي پنجاب ۾ سينيٽ چونڊڻ ۾ ڪلين سوئيپ تي مبارڪباد ڏني ٻنهي اڳواڻن وچ ۾ ملاقات ۾ سينيٽ جي چيئرمين ۽ ڊپٽي چيئرمين جي چونڊ بابت خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي وڏي وزير شهباز شريف سينيٽ جي ٻنهي عهدن تي حمايت حاصل ڪرڻ لاءِ ايم ڪيو ايم سان رابطن جي حوالي سان وزيراعظم کي آگاهه ڪيو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *