ڊيرا مراد جمالي(م.ڊ) بختيار آباد جي علائقي ۾ پُراڻي دشمنيءَ تان ٻن ڌُرين جي وچ ۾ فائرنگ جي نتيجي ۾ 3 ماڻهو مارجي ويا. ليويز مطابق اربع ڏهاڙي بختيار آباد ليويز ٿاڻي جي حد تعلقي لهڙي ۾ خير محمد نالي شخص جي گهر تي اوچتو فائرنگ ڪئي وئي جنهن جي نتيجي ۾ خير محمد، هدايت الله ۽ هڪ اڻڄاتل شخص موقعي تي مارجي ويا. ليويز ۽ سيڪيورٽي فورسز اطلاع تي پهچي لاش مقامي اسپتال منتقل ڪيا. ان سلسلي ۾ ليويز وڌيڪ جاچ ڪري رهي آهي.