بلوچستان کي نظر انداز ڪيو پيو وڃي: سردار اختر مينگل

ڪوئيٽا (بيورو) بي اين پي مينگل گروپ جي سربراهه اختر مينگل چيو آهي ته بلوچستان کي نظر انداز ڪيو پيو وڃي، خواجه سعد رفيق چيو آهي ته  هاڻي بلوچن کي نظر انداز نه ڪيو ويندو ۽ کين گڏ کڻي هلڻ جي ڪوشش ڪئي ويندي. ڪوئٽيا ۾ گڏيل پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي سردار اختر مينگل چيو ته بلوچ عوام کي نظر انداز ٿيڻ جي هميشه کان شڪايت رهي آهي. هن چيو ته بلوچستان جي ماڻهن مان محرومي جو احساس ختم ڪرڻ لاءِ حڪومت جو ڪو به ڪردار نظر نه پيو اچي. سردار اختر مينگل چيو ته بلوچستان جا مسئلا ترجيحي بنيادن تي حل ٿيڻ گهرجن، بلوچن کي گڏجي وٺي هلڻو آهي ته انهن کي فرسٽ سٽيزن سمجهڻو پوندو. ان موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي خواجه سعد رفيق چيو ته بريف ڪيس وارا ڪنهن ڪنهن جي به نمائندگي نه ٿا ڪن، هن چيو ته بلوچستان جا مسئلا ڳنڀير آهن، هتان جا مسئلا هتان جي سياسي جماعتن سان گڏجي حل ڪرڻا پوندا. خواجه سعد رفيق ميڊيا کي ٻڌايو ته سينيٽ چونڊن لاءِ چئن عورتن رابطو ڪيو هو، جن مان ڪلثوم پرويز کي تجربيڪار هجڻ سبب سينيٽ جي ٽڪيٽ ڏني وئي آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *