شاهه رخ چنائي کان پوءِ هاڻي پنجاب ايڪسپريس ۾ نظر ايندو

ممبئي(شوبز نيوز): فلم چنائي ايڪسپريس جي ڪاميابي کان پوءِ هدايتڪار روهت شيٽي ٻيهر شاهه رخ خان سان گڏ فلم ٺاهي رهيو آهي، ممبئي ۾ هڪ پريس ڪانفرنس جي دوران پاڻ روهت شيٽي ان ڳالهه جي تصديق ڪئي آهي، پنهنجي هڪ ٽي وي پروگرام ۾ ڳالهائيندي روهت شيٽي چيو ته: جي ها، مان شاهه رخ سان گڏ ڪم ڪري رهيو آهيان، ڇاڪاڻ ته هينئر شاهه رخ خان کان علاوه اسان ڪنهن ٻئي اسٽار ۽ فلم جي ٻين ڪردارن جي باري ۾ ڪو به فيصلو نه ڪيو آهي، ان اهو به ٻڌايو ته ان جي موجوده فلم “ پنجاب ايڪسپريس” هوندي.جڏهن ته تازي رپوٽ جي مطابق شاهه رخ ۽ روهت فلم“دل والي ” جو حق رکڻ واري هيري باويجه سان ملاقات ڪئي ۽ ان سان فلم جي ٽائيٽل جي باري ۾ ڳالهايو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *