آءِ سي سي ورلڊ ڪپ: پاڪستان پنهنجي پهرين وارم اپ ميچ اڄ بنگلاديش خلاف کيڏندو

سڊني (اسپورٽس نيوز) آءِ سي سي ورلڊ ڪپ جي سلسلي ۾ پاڪستان جي ٽيم پنهنجي پهرين وارم اپ ميچ (اڄ) سومر تي بنگلاديش خلافکيڏندي، اها ميچ ڊي اينڊ نائيٽ هوندي. خبر موجب ڪرڪيٽ جي عالمي ميلي کان پهرين سموريون ٽيمون وارم اپ ميچون کيڏڻ ۾ مصروف آهن، ان سلسلي ۾ اڄ سومر تي 4 ميچون ٿينديون، پهرين ميچ پاڪستان ۽ بنگلاديش جي ٽيمن وچ ۾ سڊني ۾ ٿيندي، ٻي ميچ نيوزيلينڊ ۽ زمبابوي وچ ۾ لنڪن ۾ کيڏي ويندي، ٽين وارم اپ ميچ ۾ ڏکڻ آفريقا ۽ سريلنڪا جون ٽيمون ڪرائيسٽ چرچ ۾ آمهون سامهون ٿينديون، جڏهن ته وارم اپ ميچ انگلينڊ ۽ ويسٽ انڊيز وچ ۾ سڊني ڪرڪيٽ گرائوڊ ۾ ٿيندي. ايونٽ ۾ سڀاڻي اڱاري تي وڌيڪ 2 وارم اپ ميچون کيڏيون وينديون، پهرين افغانستان ۽ ڀارت جڏهن ته ٻي آئرلينڊ ۽ اسڪاٽ لينڊ وچ ۾ کيڏي ويندي، پاڪستان پنهنجي ٻي ۽ آخري وارم اپ ميچ 11 فيبروري تي انگلينڊ خلاف سڊني ڪرڪيٽ گرائونڊ ۾ کيڏندو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *