سليڪشن ڪميٽي جي ڪم ۾ مداخلت ناهيان ڪندو: چيئرمين پي سي بي

لاهور (اسپورٽس نيوز) پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ جي چيئرمين شهريار خان چيو آهي ته سليڪشن ڪميٽي جي ڪم ۾ مداخلت نه ڪندو آهيان، معين خان، وقار يونس، مصباح الحق ۽ ٽوئر ڪميٽي محمد حفيظ جي متبادل طور ناصر جمشيد جي نالي تي اتفاق کانپوءِ مونسا رابطو ڪيو جنهن جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي، محمد حفيظ جي زخمي ٿيڻ کانپوءِ سليڪشن ڪميٽي کي چيو ته اوهان وٽ موقعو آهي، سعيل اجمل کي کڻي سگهو ٿا، پر هن چيو ته اوپنگ بيسٽمين جي جاءِ تي متبادل طور اوپننگ بيٽسمين ئي گهرجي، سعيد اجمل بلڪل ڪليئر ٿي ويو آهي، پاڪستاني ٽيم جيڪڏهن هارائي رهي آهي ته فتح به حاصل ڪئي آهي پر شڪست فتح جو مون سان ڪو به تعلق نه آهي رانديگرن جي زخمين ٿيڻ جون خبرون صرف پاڪستاني ٽيم جو نه پر ٻيون ٽيمون به شڪار ٿي رهيون آهن، قذافي اسٽيڊيم ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته انٽرنيشنل ڪرڪيٽ ڪونسل محمد حفيظ جي زخمي هجڻ جو ٽيڪنيڪي جائزو وٺندو جنهن کانپوءِ حتمي طور تي ٻڌايو ويندو پر محمد حفيظ جي رپورٽ اچڻ کانپوءِ ناصر جمشيد جو متبادل طور فيصلو ڪيو آهي ۽ هو ڪجهه ڏينهن ۾ ٽيم جوائنٽ ڪندو، ناصر جمشيد لاءَ ويزا جو مسئلو نه آهي صرف راحت علي جو مسئلو هو جنهن لاءِ آسٽريلين هاءِ ڪمشنر سان ڳالهه ڪئي ۽ هن خاطري ڪرائي ته 24 ڪلاڪن ۾ ويزا جا معاملا مڪمل ڪيا ويندا، هن چيو ته سعيد اجمل جو ڪليئر هئڻ خوشي جي ڳالهه آهي ۽ سعيد اجمل وڏو ڪم ڪيو آهي. هن چيو ته سعيد اجمل ٻڌايو ته هو فيصل آباد وڃي رهيو آهي جتي هو هڪ 2 ڪلب جون ميچون کيڏندو ان کانپوءِ ٻين ميچن ۾ حصو وٺندو ته جئين سندس نئون ايڪشن سيٽ ٿي سگهي، سعيد اجمل جو ايڪشن ڪليئر ٿيڻ پاڪستان ۽ پاڪستان ڪرڪيٽ جي وڏي ڪاميابي آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *