سيد مست غلام نبي شاهه ڪرڪيٽ ٽورنامينٽ گورنمنٽ سائنس ڪاليج ڏوڪري م ٿي گذري

ڏوڪري(ا ر)سيد مست غلام نبي شاهه ڪرڪيٽ ٽورنامينٽ گورنمنٽ سائنس ڪاليج ڏوڪري م ٿي گذري.جنهن جا آرگنائيزر اوشاق ٻگيو،آصف ٻگيو،مشتاق ميمڻ جنهن م ڏوڪري جي 10 کان وڌيڪ ٽيمن حصو ورتو.جنهن م ڏوڪري جو 2 ٽيمون فائنل م پهتيون جنهن م ديشي ڪرڪيٽ ڪلب ۽اليون اسٽار ڪرڪيٽ ڪلب وچم ٿي گذريو.جنهن م پهريان بيٽنگ ڪندي . ديشي ڪرڪيٽ ڪلب کيڏندي 10 اوورن م 131 اسڪور ڪيو. جنهن م سڀني رانديگرن جي گڏيل محنت هئي. جنهن بعد اڳيون ااٽار ڪرڪيٽ ڪلب 100 اسڪور تي آئوٽ ٿي ويئي جنهن م ديشي ڪرڪيٽ ڪلب جي بالر ماروف جي شاندار بيٽنگ سبب ديشي ڪرڪيٽ ڪلب سيد مست غلام نبي شاهه ڪرڪيٽ ٽورنامنٽ کٽي ورٽي. ٽورنامنٽ جو مهمان خاص فنڪشنل مسلم ليگ تعلقه ڏوڪري جو اڳواڻ سردار سرفراز خان ٻگهيو ، عادل خان انڙ،رئيس شاهنواخ ٻگيو،الطاف جويو،خالد ميراڻي،شاهد جتوئي، تنوير ميمڻ اظهار سومرو،سيشنل پريس ڪلب جو صدر عبدالجبار ميمڻ ۽ ٻياهئا.. جنهن بعد سردار سرفراز ٻگيو پاران کٽيل ٽيم کي 3000 هذار ۽ هارايل ٽيم کي به 3000 هزار جا انعام ڏنا.جنهن بعد رانديگرن کي خطاب ڪندي سردار سرفراز خان ٻگيو چيو ته راند سان ماڻهو م چستي پيدا ٿئي ٿي ان لا۽ رانديون کيڏڻ ضروري آهي.هن چيو ته نوجوانن جي حوصلا ڏسي خوشي ٿي آهي.مان هن نوجوانن سان راندنن جي ميدان م هميشه مدد ڪندو رهندس. ٽورنامنٽ جي ڪمپئرنگ مشتاق ميمڻ ڪئي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *