ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) ايم ڪيو ايم اڳواڻ خواجا اظهار الحسن چيو آهي ته سنڌ دهشتگردن جي پناهه گاهه بڻجي چــُڪي آهي،جيڪڏهن ضرورت آهي ته ڪراچي ۾ قتل عام روڪڻ لاءِ فوج کي گهــُرايو وڃي. ڪراچي ۾ سنڌ اسيمبلي ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي خواجه اظهار الحسن چيو ته سنڌ ۾ حڪومت نالي ڪابه شيءَ نظر نه ٿي اچي. خواجا اظهار الحسن چيو ته سنڌ ۾ قتل عام ٿي رهيو آهي پر حڪومت توڙي سڪيورٽي ادارا دهشتگردي روڪڻ ۾ ناڪام ٿي ويا آهن. سندس چوڻ هو ته حڪومتکي خبر ئي ناهي ته ڪراچيءَ ۾ آپريشن هلي رهيو آهي، صوبائي سرڪار بدانتظاميءَ ۾ پنهنجو ئي رڪارڊ ٽوڙي ڇڏيو آهي. خواجه اظهار الحسن جو وڌيڪ چوڻ هو ته ڪراچيءَ ۾ هڪ ڏينهن جي مينهن حڪومتي دعوائن کي ڌوڙ ڪري ڇڏيو آهي.