جيڪڏهن فوج اچي وئي ته سڀ کان وڌيڪ دانهون به ايم ڪيو ايم ئي ڪندي: شرجيل ميمڻ

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)  سنڌ جي اطلاعات ۽ بلديات واري وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو آهي ته متحده قومي موومينٽ (ايم ڪيو ايم) وارن کي ان ڳالهه جي چڱي ريت ڄاڻ آهي ته هتي فوج نه ايندي، ان لاءِ هو فوج جو مطالبو ڪري رهيا آهن. جيڪڏهن فوج اچي وئي ته سڀ کان وڌيڪ دانهون به ايم ڪيو ايم وارا ئي ڪندا. ايم ڪيو ايم وارن وٽ هاڻ تنقيد کان سواءِ ڪجهه باقي ناهي بچيو. هو 25 سالن کان حڪومت ۾ آهن ۽ اڄ به هو ڪنهن نه ڪنهن طريقي سان حڪومت ۾ شامل آهن ۽ انهن جو گورنر اڄ به انتظامي معاملن کي ڏسي رهيو آهي. سمورين حقيقتن کان هو آگاهه آهن. ڪي ايم سي ۽ واٽر بورڊ ۾ ماضي ۾ ڪيتريون غلطيون ٿيون آهن ۽ ڪيترن آفيسرن ازخود پنهنجو گريڊ وڌايو آهي. ان تي جاچ جي هدايت ڏئي ڇڏي آهي. سموريون وزارتون حڪومت ۽ پارٽي جون امانتون آهن ۽ ان تي اختيار وزيراعليٰ سنڌ جو آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن اربع تي سنڌ اسيمبلي جي اجلاس کان اڳ ميڊيا سان ڳالهائيندي ڪيو. شرجيل انعام ميمڻ صحافين جي سوالن جا جواب ڏيندي چيو ته ايم ڪيو ايم جي قيادت پاران سنڌ ۾ مارشل لا لڳائڻ جو مطالبو غيرسنجيده آهي. هن چيو ته کين ان ڳالهه جي ڄاڻ آهي ته هتي هاڻ فوج نه ايندي. هن چيو ته جيڪڏهن فوج هتي اچي وئي ته سڀ کان وڌيڪ دانهون به ايم ڪيو ايم ئي ڪندي. اڄ رينجرز ۽ پوليس پاران جاري ٽارگيٽيڊ ايڪشن تي انهن پاران جهڙي طرح دانهون ڪيون پيون وڃن. ان جي به سڀني کي خبر آهي. شرجيل انعام ميمڻ چيو ته ايم ڪيو ايم گذريل 25 سالن کان حڪومت ۾ آهي ۽ هو سمورين حقيقتن کان چڱي ريت واقف آهن. هن چيو ته پهريان به دهشتگردي ٿيندي هئي پر جوابدار گرفتار نه ٿيندا هئا هاڻ اها صورتحال ان کان ڪافي ڀيرا مختلف آهي ۽ اڄ جيڪڏهن دهشتگردي ٿئي ٿي ته جوابدار ماريا به وڃن ٿا ۽ گرفتار به ٿي رهيا آهن. هن چيو ته پيپلز پارٽي اشوز تي سياست بجاءِ عوامي خدمت ۽ عوامي ووٽن جي طاقت تي يقين رکي ٿي ۽ هو عوامي ووٽ سان ئي ايوانن ۾ اچي ٿي. هڪ ٻي سوال جي جواب ۾ هن چيو ته ميڊيا ۾ ايندڙ سمورين خبرن جو حقيقت سان ڪوبه تعلق نه آهي. گذريل ڏينهن سنڌ ڪابينا جي حوالي سان ڪجهه خانگي ٽي وي چينلز ۽ اخبارن ۾ سندس ڪارروائي پاڻ مرادو شايع ڪئي وئي ان لاءِ منهنجي ميڊيا کي به استدعا آهي ته رپورٽنگ ۾ حقيقت جي سچائي کي نظر ۾ رکي خبرن جي اشاعت ڪئي وڃي ته بهتر ٿيندو. هڪ ٻي سوال جي جواب ۾ شرجيل انعام ميمڻ چيو ته او پي ايس ۽ ڊيپوٽيشن تي آفيسرن جو معاملو عدليه جي فيصلي تحت حل ڪيو پيو وڃي، پر افسوس ته ماضي ۾ڪي ايم سي ۽ واٽر بورڊ ۾ جيڪي ترقيون ٿيون آهن اهي قانون کان بالاتر ٿي ڪيون ويون آهن ۽ ڪافي آفيسرن پنهنجي پاڻ کي اخود 20 ۽ 21 گريڊ ۾ متعين ڪري ورتو آهي. ان جي حوالي سان جاچ جي هدايت ڏني آهي ۽ ايڊمنسٽريٽر ڪراچي ۽ ايم ڊي واٽر بورڊ کي اهڙن سمورن آفيسرن جون لسٽون تيار ڪرڻ لاءِ چيو ويو آهي ته جيئن انهن سمورن کي قانون مطابق ترقيون ڏنيون وينديون. لياقت جتوئي پاران پيپلز پارٽي ۽ خود شرجيل ميمڻ تي الزامن جي سوال جي جواب ۾ شرجيل ميمڻ چيو ته عوام جا رد ٿيل ماڻهو ۽ اڄ معتصبانه اليڪشن ٽربيونل جي ڪري اسيمبلي ۾ ايندڙ جي ڪنهن به الزام جو جواب ڏيڻ جو ڪوبه فائدو نه آهي. هن چيو ته هن وٽ جيڪڏهن اسان خلاف ڪي ثابتيون آهن ته هو عدالتن ۾ وڃي. سنڌ ڪابينا ۾ ردوبدل جي سوال جي جواب ۾ هن چيو ته ان سلسلي ۾ ڪابه ڳالهه سندس علم ۾ نه آهي ۽ جيڪڏهن ڪنهن قسم جي ڪا تبديلي ٿئي ٿي ۽ جيڪڏهن ڪنهن کي وزير بڻايو ويو مون سميت ڪنهن کي به هٽايو وڃي ٿو ته ان سان به ڪو فرق نه پوندو، ڇو ته وزارتون ڪنهن جون ذاتي ناهن اهي پارٽي ۽ حڪومت جي امانت آهن ۽ ان تي پارٽي ۽ وزيراعليٰ سنڌ جو اختيار آهي. ڪراچي ۾ برسات کان پوءِ جي صورتحال جي سوال تي هن چيو ته هن وقت سڀ کان وڏو معاملو نالن تي قائم وڏي پيماني تي قبضا آهن صرف گجر نالي تي 2 لک کان وڌيڪ جي آبادي آهي، جڏهن ته سمورن ڊرينيج تي قبضا قائم آهن. هن چيو ته شهر جي ترقي جي دعويدارن ڪڏهن ان تي آواز ناهي اٿاريو ۽ نه ئي ان جو خاتمو ڪيو. هن چيو ته شهر کي ماسٽر پلان جي برعڪس بڻايو ويو آهي هاڻ اسان ان حوالي سان اسٽريجٽي تيار ڪئي آهي ۽ جلد عملدرآمد شروع ڪيو ويندو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *