حڪومت ۽ پي ٽي آءِ وچ ۾ جڊيشل ڪميشن جي قيام تي ڳجها رابطا، ڳالهيون جاري رکڻ تي اتفاق

اسلام آباد (بيورو) حڪومت ۽ پاڪستان تحريڪ انصاف وچ ۾ جڊيشل ڪميشن جي قيام تي اسلام آباد ۾ نامعلوم هنڌ تي مذاڪرات ٿيا پي ٽي آءِ اڳواڻن مطابق حڪومتي خواهش تي مذاڪرات کي راز ۾ رکيو ويو ذريعن مطابق حڪومتي مذاڪراتي ڪميٽي جي ميمبر اسحاق ڊار بيروني ملڪ دوري تان واپس اچڻ کان پوءِ ڳالهين جو سلسلو ٻيهر بحال ڪيو ڳالهين جو ٻيو دور گذريل رات ڳجهي هنڌ تي ٿيو جنهن ۾ تحريڪ انصاف پاران اسد عمر شرڪت ڪئي حڪومت پاران اسحاق ڊار ۽ قانوني ماهر شريڪ ٿيا اجلاس کي حڪومتي ميمبرن جي خواهش تي ميڊيا کان ڳجهو رکيو ويو مذاڪرات ۾ جڊيشل ڪميشن جي قيام جي حوالي سان خيالن جي ڏي وٺ تي ۽ مذاڪرات جاري رکڻ تي اتفاق ڪيو ويو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *