شاگردن تي تشدد جمهوريت جو موت آهي: ڪبير خان

 

ڪراچي (شوبز نيوز) ڀارتي فلم ساز ڪبير خان ڀارت جي مشهور يونيورسٽي مليه اسلاميه جي شاگردن تي دهلي پوليس اهلڪارن جي تشدد تي تنقيد ڪندي چيو آهي ته جيڪڏهن حڪومت کي لڳي ٿو ته شاگرد غلط آهن ته انهن سان ڳالهيون ڪيون وڃن پر اهو غلط آهي ته پوليس انهن تي يونيورسٽي ۾ تشدد ڪري. ڪبير خان جو چوڻ آهي ته هن ٽي وي تي پوليس تشدد جي وڊيو ڏٺي جنهن تي هو پريشان ٿي ويو. هن وڌيڪ چيو ته شاگردن کي احتجاج جو حق آهي، اوهان انهن کي اختلاف ڪرڻ کان ڪيئن روڪي سگهو ٿا. ڀارتي فلم ساز ڪبير خان به ڀارت جي يونيورسٽي جامعه مليه اسلاميه مان ئي تعليم حاصل ڪئي آهي. هو ڪيتريون ئي بالي ووڊ جون سپر هٽ فلمون ٺاهي چڪو آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *