منهنجو نئون ڊرامو(بندهي ايڪ ڊور سي) ڏسندڙن کي تمام گهڻو متاثر ڪندو: احسن خان

 

ڪراچي(شوبز نيوز) احسن خان جو ڳانڍاپو پاڪستان جي مشهور اداڪارن ۾ ڪيو ويندو آهي جن جي ڊرامن جو انتظار مداحن کي بي صبري سان هوندو آهي ۽ هاڻ ان جو نئون پروجيڪٽ(بندهي ايڪ ڊور سي) هلندڙ سال مارچ ۾ سامهون ايندو.صحافين سان ڳالهيون ڪندي احسن خان پنهنجي ان ڊرامي جا ڪجهه تفصيل به شيئر ڪيا. اداڪار جو چوڻ هو ته ان ڊرامي جي ڪهاڻي هڪ ئي خاندان جي 9 کان 10 ميمبرن تي ٻڌل آهي ۽ ان جي ئي زندگي جي چوڌاري گهمي ٿي. احسن خان موجب ڊرامي جو هڪ پهلو رومانوي به آهي پر پوري ڪهاڻي صرف رومانوي ڪردار تي ناهي.ڊرامي ۾ ثمينه احمد منهنجي ڏاڏي جو ڪردار ادا ڪري رهي آهي. صبا حميد منهنجي ناني بڻجي آهي ۽ صبا فيصل منهنجي ماءُ جو ڪردار ادا ڪري رهي آهي. گذريل هفتي صبا فيصل پنهنجي انسٽا گرام تي ڪجهه تصويرون شيئر ڪيون هيون جنهن کي ڏسي ائين محسوس ٿي رهيو هو ته هڪ ڪنهن فيملي جي تقريب جي دوران هي تصوير ورتل آهي.احسن خان وڌيڪ چيو ته خاندان تي ٻڌل هي هڪ اهڙو ڊرامو آهي جيڪو يقينن ڏسندڙن کي متاثر ڪندو. منهنجي خيال ۾ هن جي ڪهاڻي تمام سادي آهي. مسئلن کان علاوه گڏيل خاندان جون ننڍيون نڍيون خوشيون ۽ سٺا لمحا سڀ هن ڊرامي ۾ پيش ڪيا ويندا.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *