بدانتظامي تي عوامي عهدو رکندڙن خلاف نيب ڪارروائي نه ڪري سگهندو، نيب ترميمي آرڊيننس 2019 لاڳو ٿي ويو

اسلام آباد (اين اين آءِ) نيب ترميمي آرڊيننس لاڳو ڪيو ويو آهي، سومر تي وفاقي حڪومت آرڊيننس جو گزٽ نوٽيفڪيشن جاري ڪيو آهي، جنهن موجب سينيٽ ۽ اسيمبلي جا اجلاس هن وقت نه پيا ٿين، صدر حالتن کي نظر ۾ رکندي تڪڙن قدمن تي مطمئن آهي، نوٽيفڪيشن موجب ٽيڪس، ليوي سان لاڳاپيل اشوز، نيب جي اختيار کان ٻاهر آهن، نوٽيفڪيشن موجب ٽيڪسز ۽ ليوي سان لاڳاپيل سموري جاچ لاڳاپيل فورمز کي منتقل ٿي وئي، احتساب عدالتن مان ٽيڪسز جا سمورا ڪيس لاڳاپيل عدالتن ڏانهن منتقل ٿي ويا، بدانتظاميا تي عوامي عهدو رکندڙن جي خلاف نيب ڪارروائي نه ڪري سگهندو، عوامي عهدو رکندڙن جي خلاف ڪارروائي رڳو مالي فائدا حاصل ڪرڻ جي ثبوت ٿي ڪئي ويندي، نوٽيفڪيشن موجب مالي فائدو وٺڻ تائين اختيارن جي ناجائز استعمال جو ڪيس نه ٺهي سهگندو، مالي فائدو حاصل ڪرڻ جا ثبوت نه هجن ته سرڪاري آفيسرن جي خلاف ڪنهن فيصلي تي ڪيس نه ٺهندو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *