جنهن ڪرپشن ڪئي اهو سزا ڀوڳيندو ۽ حڪومت احتساب جي عمل کانپوءِ پوئتي نه هٽندي: وزير اعظم

اسلام آباد (اين اين آءِ) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته ڀل ڇا به ٿئي احتساب کان پوئتي نه هٽنداسين، جنهن ڪرپشن ڪئي اهو ڀوڳيندو، سومر تي وزيراعظم جي صدارت هيٺ ميڊيا اسٽرٽجي جو اجلاس ٿيو جنهن ۾ نيب ترميمي آرڊيننس تي رد عمل جو جائزو ورتو ويو، اجلاس ۾ بابر اعواڻ، اسد عمر، مراد سعيد، فيصل جاويد، فردوس عاشق اعواڻ، معيد يوسف ۽ شفقت محمود شرڪت ڪئي، قانوني ٽيم نيب ترميمي آرڊيننس تي حڪومتي اڳواڻن کي ڄاڻ ڏيندي چيو ته نيب آرڊيننس ۾ ترميم ڪنهن کي فائدو ڏيڻ لاءِ ناهي، هاڻ بزنس ڪميونٽي ۽ ٽيڪس بابت معاملا ايف بي آر ڏسندو، ان موقعي تي وزيراعظم چيو ته نيب آرڊيننس بابت حڪومت جي خلاف ڪوڙي پروپگنڊا ڪئي وئي، نيب قانون ۾ سڌارا مخالف ڌر جو مطالبو رهيو آهي پر اپوزيشن پارليامينٽ ۾ قانونسازي بدران ذاتي سزا جو دفاع ڪري ٿي، عمران خان چيو ته معاشي ٽيم جي محنت جي ڪري 2019 ۾ معيشت سگهاري ٿي، 2020 ۾ عام ماڻهو کي معيشت جا ثمر ملندا.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *