2010 جي ڏهاڪي ۾ ترقياتي ڪمن جي حوالي سان سنڌ ۾ گڏيل روجحان نظر آيو: سعيد غني

ڪراچي  (اين اين آءِ) صوبائي وزير سعيد غني چيو آهي ته 2010 جي ڏهاڪي ۾ ترقياتي ڪمن جي حوالي سان سنڌ ۾ گڏيل روجحان نظر آيو يعني گذريل 10 سالن دوران سنڌ ۾ ڪيترن ئي ترقياتي اسڪيمن جو اعلان ڪيو ويو جڏهن ته ان ۾ ڪجهه اهڙيون جيڪي مڪمل نه ٿي سگهيون هيون، جڏهن ته ٻين رٿائن جي رفتار گهٽ رهي ۽ هڪ عام ماڻهو انتظامي رنڊڪن سبب انهن اسڪيم جي مڪمل ٿيڻ مان فائدو حاصل نه ڪري سگهيو، انهن ئي ترقياتي اسڪيمن مان ڪوئلي تي هلندڙ بجلي جو پلانٽ جو منصوبو، ٿر ۾ ڪوئلو ڪڍڻ جو منصوبو شامل هو، جڏهن ته صوبي ۾ روڊن جي تعمير تي خاص ڌيان ڏنو ويو جنهن سبب سفر ۽ واپار ۾ آسانيون پيدا ٿيون، ٻئي پاسي صحت جي شعبي، تعليم ۽ پاڻي پهچائڻ جي منصوبن تي اربين رپيا خرچ ڪرڻ جي باوجود اهي شعبا بهتر ٿيڻ جا اثار نظر نه آيا ۽ هڪ عام ماڻهو کي ڪو به فائدو نه ٿيو، مالي سال 2014-15 کان وٺي 2018-19  ۾ سنڌ حڪومت سالياني ترقياتي پروگرامن لاءِ 952 ارب رپيا رکيا، جڏهن ته انهن 5 مالي سالن دوران رڳو 683 ارب رپيا خرچ ٿي سگهيا، سرڪاري انگ اکر موجب سنڌ جي سالياني ترقياتي پروگرام جي بجيٽ ۾ هر سال واڌ ٿيندي رهي آهي، جڏهن ته مالي سال 2018-19 ۾ ان ۾ گهٽتائي ڪرڻ شروع ڪري ڇڏي ۽ ان جو جواز اهو ٻڌايو ويو ته وفاق پاران ان کي مڪمل فنڊنگ نه ڏني پئي وڃي، 2014-15  ۾ سنڌ جي سالياني بجيٽ 143 ارب رپيا هئي، جڏهن ته 2017-18 ۾ وڌي 244 ارب تائين ٿي هئي پر ايندڙ سال ان کي 223 ارب رپيا جي سطح تي آندو ويو هو، جڏهن ته هلندڙ مالي سال دوران ان جو حجم 228 ارب رپيا رکيو ويو آهي، هلندڙ مالي سال جي پهرين 6 مهينن اندر حڪومت اٽڪل 79 ارب رپيا ترقياتي بجيٽ جي مد ۾ جاري ڪيا آهن، يعني هن وقت تائين رکيل بجيٽ جو 51 سيڪڙو خرچ ٿي چڪو پر جيئن ته سنڌ حڪومت ڪجهه عرصي کان اهو موقف اختيار ڪيو آهي ته وفاق پاران ان کي مڪمل رقم فراهم نه ڪئي پئي وڃي جنهن سبب ڪيترائي صوبائي کاتا جن ۾ توانائي، ماحوليات، انساني حق ۽ بورڊ آف روينيو شامل آهن، انهن ڪنهن به ترقياتي اسيڪم تي هڪ رپيو خرچ ناهي ڪيو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *