پشاور(م.ڊ) پشاور ۾ آرمي پبلڪ اسڪول تي دهشتگردن جي حملي جي شروعاتي جاچ رپورٽ پوليس جاري ڪري ڇڏي پشاور پوليس طرفان جاري ڪيل رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته لنڊي ڪوتل مان صبح سوير 11 دهشتگرد پشاور ۾ داخل ٿيا جن مان پهرئين مرحلي ۾ 3 دهشتگردن کي بهار ڪالوني ۾ ڇڏيو ويو جتي اسڪول واقع آهي جنهن کانپوءِ وڌيڪ 4 دهشتگردن کي بهار ڪالوني پهچايو ويو دهشتگردن جو 7 ماڻهن تي مشتمل گروپ اسڪول جي اندر داخل ٿيو جڏن ته 4 دهشتگرد اسڪول جي ٻاهر رهيا ۽ سيڪيورٽي فورسز جي اچڻ تي فرار ٿي ويا، جاچ رپورٽ مطابق آرمي پبلڪ اسڪول ۾ ساڍي 10 بجه پهريون خودڪش ڌماڪو ٿيو جنهن کان فوري پوءِ سيڪيورٽي فروسز اسڪول کي گهيري ۾ آڻي دهشتگردن خلاف ڪارروائي شروع ڪري ڇڏي.