دهشتگردن خلاف فيصلائتي ڪارروائي ڪئي ويندي: شهباز شريف

لاهور(م.ڊ) پنجاب جي وڏي وزير شهباز شريف چيو آهي ته شهيدن جون رت رائيگان نه ويندو ۽ دهشتگردن خلاف فيصلائتي ڪارروائي ٿيندي وزيراعليٰ هائوس لاهور ۾ ڊينمارڪ جي سفير جيسپر مولر سورنسن پنجاب جي وڏي وزير شهباز شريف سان ملاقات ڪئي، ملاقات دوران گڏيل دلچسپي جي معاملن، ٻه طرفي واپار ۽ سرمائيداري کي هٿي ڏيڻ بابت خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي، ان موقعي تي ڊينمارڪ جي سفير پشاور سانحي جي سخت مذمت ۽ ان سانحي ۾ ٿيندڙ جاني نقصان تي تعزيت جو اظهار ڪيو ملاقات دوران شهباز شريف جو چوڻ هو ته پورو ملڪ پشاور جي اسڪول ۾ دهشتگردي سبب معصوم ٻارن جي شهادت تي ڏکايل آهي دهشتگردي خلاف فوج، پوليس ۽ شهرين قربانيون ڏنيون آهن انهن شهيدن جو رت رائيگان نه ويندو ۽ دهشتگردن خلاف فيصلائتي ڪارروائي ٿيندي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *