صوبائي وزير بي اختيار آهن انهن جا اختيار ٻي قوت وٽ آهن، شير رحمان جي مقرري وقت کان اڳ هئي: مخدوم امين فهيم

هالا (نمائندو) هالا پيپلز پارٽي کي ڇڏڻ لاءِ سوچيو به نه آهي، جن به پي پي کي ڇڏيو آهي اهي زيرو ٿي ويا آهن، پيرپاڳاري سميت ڪنهن سان به ملاقات ڪرڻ لاءِ مون کي ڪنهن کان اجازت وٺڻ جي ضرورت نه آهي، سروري جماعت جي مريدن کي نظرانداز ڪيو ويو آهي، صوبائي وزير بي اختيار آهن انهن جا اختيار ٻي قوت وٽ آهن، شير رحمان جي مقرري وقت کان اڳ هئي، بلاول ڀٽي ۽ آصف علي زرداري وچ ۾ اختلافن جي مون کي ڄاڻ نه آهي، سروري جماعت جا مريد سڄي ملڪ ۾ پنهنجا ووٽ رجسٽر ڪرائين.خبر موجب پاڪستان پيپلز پارٽي پارليامينٽيرين جي صدر ۽ سروري جماعت جي روحاني پيشوا مخدوم محمد امين فهيم هالا ۾ مخدوم هائوس تي صحافين سان ڳالهائيندي چيو آهي ته پارٽي کي ڪونه پيو ڇڏيان مگر پارٽي ۾ اگر ڪا اهڙي ڳالهه آهي جنهن جي اصلاح ٿيڻ گهرجي ته ان لاءِ آئون پوري ڪوشش ڪندس، هن چيو ته اڄ سروري جماعت جو اجلاس سڏايو آهي جيڪو هر سال سڏايو ويندو آهي جنهن ۾ جماعت جي مسئلن جي باري ۾ ڳالهه ٻولهه ٿيندي آهي، هن چيو ته شيري رحمان جي مقرري وقت کان اڳ ڪئي وئي هئي جنهن تي مون اعتراض ڪيو هو ڇو ته پاڪستان پيپلز پارٽي ۾ ٻيون به سينئر ورڪر عورتون موجود آهن ، مشرف سان ملاقات اچانڪ ٿي هئي، جيستائين ميان نواز شريف جي حڪومت آهي تيستائي اسان تي ڪونه ڪو ڪيس ٺهندو رهندو، مخدوم امين فهيم چيو ته سروري جماعت جي هڪ الڳ سڃاڻپ آهي اسان جا ماڻهو جن کي ووٽ ڏئي ڪامياب ڪن ٿا ته پوءِ انهن جو به فرض ٿئي ٿو ته انهن جي خدمت ڪن، مشرف کي ڪا اهم ذميواري ملي رهي آهي ان جي مون کي ڄاڻ نه آهيس آئون اهڙي ماڻهو جي پٺيان ڪڏهن به نه ڀڄندو آهيان جنهن جي مونکي خبر هجي ته هن کي ڪا اهم ذميواري ملڻ واري آهي، آئون پاڪستان پيپلز پارٽي جو صدر آهيان ۽ مونکي هر قدم تي ڪنهن کان پڇڻ جي ضرورت نه آهي ته مون کي ڇا ڪرڻو آهي اسان جي ڪميٽمينٽ بينظير صاحبه سان آهي ذوالفقار علي ڀٽو سان آهي ۽ ان جي پارٽي سان آهي ۽ اسان پارٽي ٺاهي آهي اسان پنهنجي هر شئي پارٽي جي حوالي ڪئي آهي، بلاول ڀٽو ۽ آصف علي زرداري وچ ۾ اختلافن بابت مون کي ڪابه ڄاڻ نه آهي، منهنجو آصف علي زرداري سان ڪوبه اختلاف نه آهي، هن چيو ته پاڪستان پيپلز پارٽي کي وڏن وڏن نالن ڇڏي ڏنو ۽ جن پيپلز پارٽي کي ڇڏيو اهي زيرو ٿي ويا، پيپلز پارٽي ڀٽو خاندان ، بينظيرڀٽو ، ذوالفقار علي ڀٽو ۽ ان جي فلسفي جي آهي اسين ان سان گڏ آهيون ۽ ان کي هلائي رهيا آهيون ۽ جتي ڪجهه شيون غلط هونديون انهن کي درست ڪرڻ جي ضرور ڪوشش ڪنداسون.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *