ملڪ ۾ 3 قسمن جا تعليمي نصاب هلي رهيا آهن، تعليم جو هڪجهڙو نصاب ترقي لاءِ ضروري آهي: وزيراعظم

اسلام آباد (اين اين آءِ) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته ملڪ ۾ 3 قسمن جو تعليمي نصاب هلي رهيو آهي، هڪجهڙو تعليمي نصاب ترقي لاءِ ضروري آهي، هاڻوڪي تعليمي نظام سبب اڪثريت مٿي نٿي اچي سگهي، طبقاتي تعليم جو نظام ختم ڪنداسين، مدرسن جي کتابين کي به جديد تعليم ذريعي مٿي اچڻ جو موقعو ملندو، پاڪستان، ترڪي ۽ ملائيشيا مسلمانن جي تاريخ ۽ موقف دنيا اڳيان پيش ڪرڻ لاءِ ٽي وي چينل شروع ڪندا، هو اربع تي تعليم جي وزارت جي انتظام هيٺ ديني مدرسن جي کتابين ۾ انعام ورهائڻ واري تقريب کي خطاب ڪري رهيو هو، ان موقعي تي شفقت محمود، نور الحق قادري، سيد اعجاز شاهه ۽ نعيم الحق موجود هو، وزيراعظم چيو ته نبي اڪرم صلم سڀ کان وڌيڪ تعليم حاصل ڪرڻ تي زور ڀريو، نبي ڪريم صلم فرمايو ته تعليم حاصل ڪريو پوءِ ڇو نه توهان کي چين وڃڻو پوي، ڇو ته پاڻ سڳورا ڄاڻيندا هئا ته تعليم کانسواءِ معاشرو ترقي نٿو ڪري سگهي، 70 سالن تائين دنيا جا مشهور سائنسدان مسلمان هئا، مسلمان تلوار سان نه پر علم سان ترقي ڪئي، هن چيو ته انگريزن هڪ منصوبي تحت مسلمانن جو تعليمي نصاب ختم ڪيو، تعليم ختم ٿي ته مسلمان ترقي نه ڪري سگهيو، هن وقت اسان جي ملڪ ۾ 3 قسمن جو مختلف نصاب هلي رهيو آهي، تحريڪ انصاف جي حڪومت فيصلو ڪيو آهي ته تعليم جي طبقاتي نظام کي ختم ڪيو ويندو، هڪ ئي ملڪ ۾ ٽن قسمن جو تعليمي نصاب وڏي ناانصافي آهي، ديني مدرسن جي کتابين کي ديني تعليم سان گڏ جديد دور جي تعليم حاصل ڪرڻي پوندي ته جيئن اهي به وڏن عهدن تي اچي سگهن ڇو ته هن وقت رڳو انگريزي تعليم جو نظام حاصل ڪندڙ ئي مٿي وڃي سگهي ٿو، هن چيو ته علامه اقبال اوڀر ۽ اولهه جي تهذيبن ۾ ڀيٽ ڪئي، تعليم جي وزير کي چوندس ته اسان جي تعليمي ادارن ۾ اقباليات جو مضمون لازمي پڙهايو وڃي ڇو ته اسان جو سياسي رول ماڊل قائد اعظم ۽ نظرياتي رول ماڊل علامه اقبال آهي، علامه اقبال کي سمجهڻ سان اهو پتو پوي ٿو ته مسلمانن جي تاريخ ۽ طاقت هئي، اهي دنيا تي ڪيئن ڇائنجي ويا، هن چيو ته اڄ هر هنڌ مسلمانن تي ظلم ٿي رهيو آهي، والاريل ڪشمير ۾ 80 لک ماڻهو کليل جيل ۾ بند آهن، ڪوشش آهي ته تعليم جي نظام ۾ هڪجهڙائي آڻي تحقيق جو رستو تيار ڪريون، هڪجهڙي تعليم لاءِ ڪميٽي جوڙي وئي آهي ته جئين نوجوان نسل اعليٰ ڪارڪردگي ڏيکاري سگهي، هن چيو ته ترڪي، پاڪستان ۽ ملائيشيا الجزيره ۽ بي بي سي وانگر ٽي وي چينل شروع ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي، هن چينل جو مقصد مسلمانن جي نمائندگي ۽ دنيا اڳيان مسلمانن جو موقف پيش ڪرڻ آهي، هن چيو ته اسان اهڙيون فلمون ٺاهڻ چاهيون ٿا جن ذريعي اسان جي ٻارن کي پنهنجي هيروز جي خبر پوي، ترڪي سلطنت عثمانيا جي تاريخ جي آگاهي لاءِ اهڙي قسم جي هڪ فلم ٺاهي آهي، ان کان اڳ وزيراعظم مختلف امتحانن ۾ خاص ڪارڪردگي ڏيکاريندڙ ديني مدرسن جي شاگردن ۾ انعام ورهايا.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *