سنڌ سميت ملڪ جي مختلف علائقن ۾ برسات جي نتيجي ۾ ٻه ڄڻا فوت، روڊ برساتي نالا بڻجي ويا

ڪراچي ( ويب ڊيسڪ ) سنڌ سميت ملڪ جي مختلف علائقن ۾ برسات جي نتيجي ۾ ٻه ڄڻا فوت ٿي ويا آهن. لاهور ۾ تيز برسات سبب روڊن تي پاڻي جمع ٿي ويو آهي جنهن سبب معمول جي زندگي متاثر ٿي آهي. ماڻهن کي آفيسن ۾ وڃڻ ۾ ڏکيائين جو منهن ڏسڻو پئجي رهيو آهي ۽ شهري گهرن تائين محدود رهجي ويا آهن. برسات سبب ريلوي اسٽيشن پليٽ فارم ۽ هيڊ ڪوارٽر جون ڇتيون به وهڻ لڳيون آهن. ليسڪو جا 180 فيڊر ٽرپ ٿي ويا جنهن سبب بجلي جي فراهمي متاثر ٿي آهي ۽ ڪيترائي علائقي اوندهه ۾ ٻڏي ويا آهن. ڪراچي ۾ به ڪارا ڪڪر ڇانيل آهن ۽ ڪيترن ئي علائقن ۾ تيز هوا هلڻ لڳي ۽ ڦڙ ڦڙ سبب موسم خوشگوار ٿي وئي آهي.  اسلام آباد ۽ راولپنڊي ۾ به شديد برساتن جو سلسلو جاري آهي، هڪ گهر جي تهه خاني ۾ پاڻي جمع ٿيڻ سبب ماءُ ۽ سندس ٻارڙو فوت ٿي ويا. راولپنڊي جي نالا لئي ۾ پاڻي جي سطح وڌڻ سبب الرٽ وارننگ جاري ڪئي وئي آهي ۽ ڪٽاريان واري هنڌ سطح 11 فوٽ کان وڌي وئي آهي. موسميات کاتي دريائن ۽ برساتي نالن ۾ ٻوڏ جو الرٽ جاري ڪري ڇڏيو آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *