ڪراچي (اين اين آءِ) پ پ پ چيئرمين بلاول ڀتو زرداري چيو ايه ته عمران خان حڪمران ضرور آهي پر ليڊر نه آهي سليڪٽڊ وزراعظم آمريڪا تي به ڪنٽينر تان ناهي لٿو ٽيوٽر تي وزراعظم عمران خان جي تقرير تي پنهنجي ٽوئٽ ۾ بلاول ڀٽو زرداري چيو ته جيڪڏهن حڪومت اپوزيشن جو ڪردار ادا ڪندي ۽ اپزويشن به اپوزيشن جو ڪردار ادا ڪندي ته ملڪ ڪير هلائيندي هن چيو ته پاڪستان کي اهڙي ليڊر جي ضرورت آهي جيڪو پنهنجي نه سمورن پاڪستان جي ڳالهه ڪري عمران خان ليڊر نه آهي پر هڪ حڪمران آهي هن چيو ته افسوس آهي ته وزراعظم ٻاهرين ملڪن ۾ پاڪستان جي نمائندگي ڪندي ڪنٽِنر تان ناهي لٿو.