جج وڊيو اسڪينڊل: ميان طارق 14 ڏينهن جي جوڊيشل رمانڊ تي جيل حوالي،دماغي ڪينسر آهي،  جيل وڃي مري ويندس: جوابدار

اسلام آباد (اين اين آءِ) احتساب عدالت جي جج ارشد ملڪ جي مبينه وڊيو ٺاهڻ جي الزام ۾ گرفتار جوابدار ميان طارق کي جڊيشل ريمانڊ تي جيل موڪليو ويو وڊيو اسڪيندل ۾ گرفتار مک جوابدار ميان طارق کي عدالت ۾ پيش ڪيو ويو جتي ايف آءِ اي پاران جوابدار جي جڊيشل ريمانڊ جي اپيل ڪئي ويئي جوابدار ميان طارق جو ان موقعي تي چوڻ هو ته مون کي برين ٽيومر آهي جيل وڃي مري ويندس جنهن تي عدالت ميان طارق کي جيل ۾ سموريون ميڊيڪل جون سهولتون ڏيڻ جو حڪم ڏنو عدالت ايف آءِ اي عملدارنکان پڇاڻو ڪيو ته ڪيس جي جاچ ۾ هن وقت تائين ڇا اڳڀرائي ٿي آهي ايف آءِ اي عملدارن پاران ٻڌايو ويو ته ميان طارق جي ٻنهي گهرن جي تلاشي ورتي ويئي گهرن ۾ تلاشي وقت گاڏي هٿ آئي جڊيٽل ڪئميرا ٽي آر ڪئميرا يو ايس بي ۽ 2 موبائيل فون هٿ ڪيا ويا ميان طارق جج کي چيو ته مون کي مارڪٽ به ڪئي ويئي هئي ان تي ڇا ڪارروائي ٿي جنهن تي جج شائسته ڪنڊي چيو ته ميڊيڪل رپورٽ ۾ مارڪٽ جو ڪوئي ذڪر نه آهي ميان طارق چيو ته مون کي خطرو آهي ته مون کي جيل ۾ ماريو ويندو جج شائسه ڪنڊي چيو ته جيل ۾ ڪنهن کي ناهي ماريو ويندو جيل سپرنٽندنٽ کي مڪمل طبي سهولت ڏيڻ لاءِ لکي رهيو آهيان عدالت جوابدار ميان طارق کي 14 ڏينهن جڊيشل ريمانڊ جو حڪم ڏيندي 5 آگسٽ تي ٻيهر عدالت ۾ پيش ڪرڻ جي هدايت ڪئي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *