سنڌ حڪومت پاران ڊويزنل ھيڊ ڪورٽرز ۾ (اين آءِ سي ايڇ) جا سيٽلائيٽ سينٽر قائم ڪرڻ جو فيصلو

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاھھ ڊويزنل ھيڊ ڪورٽرز ۾ نيشنل انسٽيٽيوٽ آف چائلڊ ھيٿ (اين آءِ سي ايڇ) جا سيٽلائيٽ سينٽر قائم ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آھي ۽ پھرين مرحلي ۾ ان جو سيٽيلائيٽ ميرپورخاص ۾ قائم ڪيو ويندو. اھو فيصلو اڄ وزيراعليٰ ھائوس ۾ ھڪ اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو ويو. جيڪو اين آءِ سي ايڇ جي سمورن التوا ھيٺ مسئلن کي حل ڪرڻ لاءِ گھرايو ويو ھو. اجلاس ۾ چيف سيڪريٽري سنڌ سيد ممتاز علي شاھھ، صوبائي صلاحڪار مرتضيٰ وھاب، وڏي وزير جو پرنسپل سيڪريٽري ساجد جمال ابڙو، ناڻي وارو سيڪريٽري نجم شاھھ، سيڪريٽري صحت سعيد اعواڻ، ڊائريڪٽر اين آءِ سي ايڇ سيد جمال رضا، وڏي وزير جو ايڊيشنل سيڪريٽري فياض جتوئي ۽ ٻين لاڳاپيل آفيسرن شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ وڏي وزير کي ٻڌايو ويو تھ 2011ع کان رڳو اسٽيٽس کي برقرار رکيو ويو آھي ۽ ڪابھ نئين ڀرتي ناھي ڪئي وئي ۽ اھل ۽ قابل پروفيشنلن کي ترقي بھ نھ ڏني وئي آھي ۽ ان سان گڏ اين آءِ سي ايڇ کي پنھنجون خدمتون کي بھتر بڻائڻ جي حوالي سان نھ ئي اوزار فراھم ڪيا ويا آھن تنھن ڪري سنگين مسئلن کي منھن ڏنو پيو وڃي. ٻارن جي اسپتال اين آءِ سي ايڇ ۾ ميڊيڪل ۽ پيرا ميڊيڪل اسٽاف جو انگ 1035 آھي جنھن جي مقابلي ۾ ھن وقت 674 ڪم ڪري رھيا آھن، اھڙي ريت 361 اسٽاف ميمبرن جي شارٽ فال کي منھن ڏئي رھيا آھيون. وڏي وزير انھيءَ دوران 43 اھل، قابل، پروفيشنلز کي ترقي ڏيڻ ۽ 150 اسٽاف ميمبرن ميڊيڪل ۽ پيراميڊيڪل جي نين آسامين جي پڻ منظوري ڏني ۽ سيڪريٽري صحت ۽ ناڻي واري سيڪريٽري کي ھدايت ڪئي تھ اھي اين آءِ سي ايڇ جي ڊائريڪٽر سان گڏ اجلاس گھرائن ۽ تفصيلي ايس اين اِي تيار ڪرڻ لاءِ ڪم ڪيو وڃي تھ جيئن اداري کي سٺي طرح ھلائڻ لاءِ نئيون پوزيشن پيدا ڪري سگھن. وڏي وزير چيو تھ ھُو اين آءِ سي ايڇ کي اين آءِ سي وي ڊي وانگر ڪرڻ چاھي ٿو تھ جيئن آزاداڻي بورڊ آف ڊائريڪٽرز وانگر ڪم ڪري سگھي. بورڊ آف ڊائريڪٽرز ان جا سمورا انتظامي ۽ مالي معاملن کي ڏسندا ۽ سيٽيلائيٽ سينٽرز ھلائيندا جيڪي ھر ھڪ ڊويزنل ھيڊڪوارٽرز ۾ جنگي بنيادن تي قائم ڪيا ويندا. ھن چيو تھ پھريون اين آءِ سي ايڇ سيٽيلائيٽ سينٽر ميرپورخاص ۾ قائم ڪيو ويندو تھ جيئن ھُو سموري ڊويزن ۾ موئثر ريت ڪم ڪري سگھي ۽ ٿرپارڪر تي خاص توجھھ ڏني ويندي تھ جيئن اتي ماءُ ۽ ٻار جي خوراڪ جھڙن مسئلن تي ضابطو آڻي سگھجي. وڏي وزير ٻڌايو ويو تھ اين آءِ سي ايڇ ۾ پراڻو جنريٽر آھي جنھن جي صلاحيت پڻ گھٽ آھي ۽ ايم آر آءِ مشين جي بھ گھرج آھي. وڏي وزير نئين جنريٽر ۽ ھڪ ايم آر آءِ مشين جي خريداري جي منظوري ڏني ۽ صحت کاتي کي ھدايت ڪئي تھ ان جي باضابطا منظوريءَ لاءِ سمري موڪلي وڃي. وڏي وزير ناڻي کاتي کي اين آءِ سي ايڇ جي بجيٽ کي جاري ڪرڻ جي بھ ھدايت ڪئي تھ جيئن اھي پنھنجا خرچ بشمول اوزارن جي مرمت، دوائون ۽ ٻين گھرجن کي پورو ڪري سگھن. اين آءِ سي ايڇ ھڪ 500 بسترن کي مشتمل اسپتال آھي ۽ وڏي وزير ان جي ڊائريڪٽر کي ھدايت ڪئي تھ ان جي توسيع لاءِ ھڪ تفصيلي پلان جمع ڪرائي وڃي. واضح رھي تھ اين آءِ سي ايڇ ۾ تمام محدود اسٽاف کي رھائشي سھولتون مليل آھن ۽ ڪيترن ئي گھرن تي ماڻھن غيرقانون طور قبضو ڪيو آھي، ان تي وڏي وزير چيف سيڪريٽري کي ھدايت ڪئي تھ ھُو اين آءِ سي ايڇ اسٽاف جي رھائشي گھرن تان قبضن کي ضلعي انتظاميا ذريعي خالي ڪرايو وڃي. وڏي وزير چيو تھ سندس صوبي جي ھر ھڪ ٻار کي بھترين صحت جون سھولتون فراھم ڪرڻ جو خواھشمند آھي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *