آصف علي جو انضمام الحق جي باري ۾ نئون انڪشاف

لاهور: (اسپورٽس نيوز) چيف سليڪٽر جي عهدي تان استعيفيٰ ڏيندڙ انضمام الحق جي باري ۾ قومي ڪرڪيٽر آصف علي نئون انڪشاف ڪري ڇڏيو آهي.مشهور بيٽسمين آصف علي چيو آهي ته جڏهن انضمام/ڏسو صفحو 2 بقايا نمبر 22

کي خبر پئي ته منهنجي ڌيءَ چوٿين درجي جي ڪينسر ۾ مبتلا آهي ته هو ذاتي طور تي پي سي بي آفيس ويو ۽ بورڊ اختيارين کي منهنجي ڌيءَ جي علاج جي لاءِ فنڊن بابت ڳالهايو ۽ اهو سمورو معاملو هن پاڻ حل ڪيو.ٽوئٽر تي جاري ڪيل پنهنجي پيغام ۾ آصف علي چيو ته هو هڪ ليجنڊ آهي. جنهن جي تعريف ڪرڻ جا لفظ ئي ناهن جيڪي بيان ڪري سگهجن. نوجوان رانديگرن جي لاءِ گرائونڊ جي اندر ۽ ٻاهر حقيقي معنيٰ ۾ انضمام رول ماڊل هو.ياد رهي ته انضمام الحق جي چيف سليڪٽر جو مدو 30 جولاءِ تي ختم ٿي رهيو آهي ۽ هن گذريل ڏينهن قذافي اسٽيڊيم لاهور ۾ شيڊول پريس ڪانفرنس ۾ پنهنجي عهدي تان استعيفيٰ ڏيڻ جو اعلان ڪيو هو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *