ڪلڀوشن جي بريت جي استدعا رد، ڀارتي عالمي عدالت ۾ ڪيس هارائي ويو، پاڪستان جي سوڀ

اسلام آباد (اين اين آءِ) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته ماضي ۾ جئين ملڪ کي هلايو پئي ويو هاڻ ائين نٿو هلي سگهي، منهنجو جيئڻ مرڻ پاڪستان ۾ آهي، پاڪستان کي عظيم ملڪ بڻائينداسين، ماڻهن کي ايف بي آر تي اعتماد ناهي، اداري ۾ سڌارا ڪري رهيا آهيون، سڀني کي ٽيڪس نيٽ ۾ آڻينداسين، دٻاءُ وجهندڙ کي چوان ٿو ته پوئتي هٽيس ته قوم سان غداري هوندي، اربع تي گجرانوالا چيمبر آف ڪامرس جي اسلام آباد ۾ انعام ورهائڻ واري تقريب کي خطاب ڪندي وزيراعظم چيو ته مان هر هر مديني جي رياست جي ڳالهه ڪريان ٿو، مديني جي رياست ۾ طاقتور ۽ ڪمزور لاءِ هڪ ئي قانون هوندو آهي، طاقتور ۽ ڪمزور لاءِ ڌار ڌار قانون هجي ته رياست تباهي ٿي ويندي آهي جن معاشرن ترقي ڪئي اتي سڀني لاءِ هڪ ئي قانون آهي، عدل ۽ انصاف مديني جي رياست جا اصول هئا، عمران خان چيو ته منهنجو ملڪ کان ٻاهر نه ڪاروبار آهي ۽ نه ئي وري ڪا ملڪيت آهي، منهنجو جيئڻ مرڻ پاڪستان ۾ آهي، مني لانڊرنگ ڪندڙن جا مقصد ۽ مفاد ڪجهه ٻيا آهن جن تي ڪيس آهن انهن سڀني جا مٽ مائٽ ٻاهر ڀڳل آهن، سندس چوڻ هو ته ملڪ ۾ جيڪو ننڍي چوري ڪري ٿو سڀني کي خبر آهي ان سان جيل ۾ ڪهڙو ورتاءُ ٿئي ٿو، گذريل سال جيترو ٽيڪس ادا ڪيو ان جو اڌ قرض لاهڻ ۾ هليو ويو، هن چيو ته ايف بي آر ۾ 7 سئو ارب رپين جي چوري ٿي هئي تنهنڪري ايف بي آر ۾ سڌارن تي ڪم ڪري رهيا آهيون، وزيراعظم چيو ته سڃاڻپ ڪارڊ جي شرط جي مخالفت اهي واپاري ڪري رهيا آهن جيڪي اسملنگ جو سامان وڪرو ڪن ٿا، هن چيو ته 22 ڪروڙ ماڻهن مان رڳو 15 لک ٽيڪس ڏين ٿا، شبر زيدي ٻڌايو ته پاڪستان جو 70 سيڪڙو ٽيڪس 3 سئو ڪمپنيون ڏئي رهيون آهن، ايندڙ سال لاءِ پوري طاقت سان 5500 ارب روينيو گڏ ڪنداسين، ٽيڪس نظام ٺيڪ هجي ته قرض به لاهينداسين ۽ ترقياتي ڪم به ٿيندا، وزيراعظم شوڪت ترين جو حوالو ڏيندي چيو ته ايف بي آر ۾ 7 سئو ارب رپين جي چوري ٿي آهي تنهنڪري اسان جو پهريون ڪم ايف بي آر کي ٺيڪ ڪرڻ آهي، عمران خان چيو ته اسان جو ڪم آهي ته صنعت جي ترقي ۾ ڪاروباري دوستن جي مدد ڪريون ۽ کين سهولتون ڏيون ته جئين ملڪ جو هر هڪ طبقو ترقي ڪري سگهي، وزيراعظم چيو ته اسان جي حڪومت جيڪو ڪجهه ڪري رهي آهي اهو عوام لاءِ ڪري رهي آهي، منهنجو ڪو ذاتي ڪاروبار يا ايجنڊا نه آهي ۽ نه ئي وري ملڪ کان ٻاهر آهي، هو اڳوڻن حڪمران وانگر نه آهي جيڪي ملڪ کي لٽي ٻاهر هليا وڃن ٿا.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *